قاضي احمد( ن پ ا)قاضي احمد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 17 ھين يوم تاسيس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ايس يو پي اڳواڻ چوڌري عارف نياز آرائين جي فارم ھائوس تي ٿي، جتي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، زين چيو آھي ته نگران وزير اعليٰ مقبول باقر جج ته بھتر ھو پر موجود نگران وڏ وزارت دوران سندس جي سنڌ جي  بيوروڪريسي ڪامورا ٻڌڻ لاء تيار ناهن هن وڌيڪ چيو آھي ته سنڌ جو چيف اليڪشن ڪمشنر ڪرپٽ آھي مٿس ڪرپشن جا الزام آھن ان مان اڻڌري اليڪشن ڪرائڻ جي ڪا به اميد ناهي سنڌ ۾ جوڙيل نگران حڪومت جو ڪاروهنوار اڳوڻي پ پ پ حڪومت دور ۾ مقرر ڪيل آفيسر ڪامورا بيوروڪريسي ھلائي رهي آھي سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن ۾ سسٽم وارو عمل جاري آھي نيٽ ورڪ ساڳيو ڪم جاري رکيو پئي اچي اليڪشن کي شفاف نموني ڪرائڻ لاء سسٽم کي ختم ڪرڻو پوندو ٻئي صورت ۾ اليڪشن هڪ ڀوڳ هوندي  هڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڪارپروٽ فارمنگ جو جيڪو تجربو ٿا ڪن انهي ۾ ھڪڙي شي جو احتيات ڪرڻو پوندو ڪڏھن ڪڏھن ڪاغذن ۾ زمينون لکيل ھڪڙيون هونديون آھن ۽ اتي ميدان ۾ ماڻھو پيا آباد ڪندا آھن موجود زرعي نظام ۾ سرڪار وٽ زمين خالي هجي ۽ ميدان ۾ ٻيا ماڻھو ويٺا هجن اهڙي قسم جي سنڌ جي زمين ڪنهن اداري کي ڏني وئي ته اسين سخت مخالفت  ڪنداسين ٻئي طرف نصير آباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سترهين سالگرھ ملهائي وئي،  ضلعي قمبر جي سينيئر نائب صدر محمد شاھ بخاري، تعلقي صدر ياسين ڦلپوٽو ۽ ٻين تقريب ۾ ڪيڪ ڪٽي عهدِ وفا جو وچن ورجايو ويو. ٺل ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 17 ھين سالگراھ جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي شڪارپور ڊويزن جي صدر جمال جوش ٻرڙو، وطن دوست مزدور فيڊريشن صوبائي چيئرمين ابراهيم ڪنراڻي، ايس يو پي ضلعي سينئر نائب صدر حفيظ نوناري، تعلقي صدر غلام حسين  ڪنراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب ۾ قومي فنڪار استاد مٺل چنو قومي گيت سھندو ڪير ميار او يار ،جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا،ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رهي ڳائي قومي ڪارڪنن ۾ قومي جوش جاڳايو. ٺارو شاهه ۾ ڪاشف سيال، بشارت سومرو، ڪامريڊ فرحان سومرو، راجا مغل، استاد جبار راڄپر ، لالا جانشير ڏاهري ، عرفان ڪلو  ٻين ڪيڪ ڪاٽيو،