نئون ڪوٽ(رپورٽر) لطيف ويلفيئر ٽرسٽ انٽرنيشنل سنڌ جي صدر سماج سڌارڪ ڪامريڊ ڀرمي ڪولھي “ روزاني پنهنجي اخبار” سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سماج کي پاڻ وھيڻو ۽ صحتمند بڻائڻ ۾ عورت جو اھم ۽ بنيادي ڪردار ھوندو آھي،آئون سنڌ جي نياڻين کي پاڻ وھيڻو ڏسڻ چاھيان ٿي ته جيئن ھو پنھنجي زندگي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ خودمختيار ۽ آزاد ھجي ان ڏس ۾ والدين کي پنھنجو حوصله مند ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ نياڻين جي ذھني اوسر وقت والدين انھن جي رھنمائي ڪندي دوستي ۽ شفقت وارو رويو رکن ۽ نه صرف انھن جي گھرجن پر انھن جي اظھار جي آزادي کي يقيني بڻائن ته ھو معاشري جي ناڪاري ۽ نام نھاد قوتن سان مھاڏو اٽڪائي سگھن ٿيون، اسانکي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ لڪل ٽيلينٽ کي ڳولي نروار ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي، نياڻيون ترقي جي جستجو ۾ پنھنجي منزل پاڻ طئي سگهنديون تڏھن اسين جديد سائنسي ڊوڙ ۾ پاڻ کي شامل ڪري سگھنداسين، ھن وڌيڪ چيو ته اسانکي شاهه لطيف جي پيغام کي سمجھڻو پوندو لاکيڻي لطيف جي سڄي شاعري ۾ سنڌ جي سورمين جا ڪردار نمايان ۽ سورھيائپ وارا آھن.