ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، راڻا مشهود سان ملاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ صوبائي راندين ۽ نوجوانن واري کاتي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. ملاقات ۾ طئه ڪيو ويو ته سنڌ جي نوجوانن کي به مختلف ملڪن ۾ روزگار، تعليمي مٽاسٽا ۽ مشاهداتي دورن جا موقعا ملندا. راڻا مشهود نوجوانن کي سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڊجيٽل يوٿ حب ۽ هُنر مند نوجوانن کي ٻاهر موڪلڻ بابت آگاهي ڏني، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سکيا ماڻيندڙ پروفيشنلن جي گهرج وڌي رهي آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي عملي مهارتون ڏيڻ لاءِ ٽيڪنيڪل تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد شاهه مذهبي مامرن جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ملاقات ۾ حج ڪوٽا ۽ سکر مان حج ڏامون شروع ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وفاقي وزير سردار يوسف ٻڌايو ته ھيل سرڪاري حج جو خرچ ساڍا 10 لک مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومتي اسڪيم هيٺ 90 هزار شهري حج ادا ڪندا جڏهن ته خانگي آپريٽرن ذريعي 90 بجاءِ رڳو 23 حاجي حج ڪري سگهندا. وڏي وزير سکر کان “روڊ ٽو مڪا” دم تحت حج اڏامن تي زور ڀريو جنهن تي وفاقي وزير يقين ڏياريو ته ايندڙ سال جي حج پلان ۾ سکر سميت ٻين شهرن کان حج اڏامون شامل ڪيون وينديون