ھالا(ن پ ا)  جميعت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته سخت جدوجھد کان پوءِ تڪراري ڪئنالن واري مسئلي تي ڪاميابي ملي آھي، جنھن تي آئون الله جو شڪر ٿو ڪريان، ھالا ۾ صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته پاڻي معاملي تي وڪيل برادري سياسي سماجي تنظيمن سميت خاص طور سنڌ جي عوام کي مبارڪن سان گڏ انھن جو شڪر گزار آھيان جنھن پاڻي جي مسئلي تي جدوجھد ۾ جميعت علماء اسلام جو ڀرپور ساٿ ڏنو، مولانا راشد محمود جو چوڻ ھو ته سنڌ جي عوام جي ايڏي وڏي تحريڪ ۽ احتجاجي ڌرڻن حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ نوٽيفڪيشن ۾ اھيو واضع لکيل آھي ته ڪئنالن جو ڪم فوري طور بند ڪيو وڃي اھيو سنڌ جي حڪمرانن مٿان عوام جي احتجاجن جو دٻاءِ ھو،جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود وڌيڪ چيو ته اڄ تائين اھو سمجھو ويندو ھو ته بند ڪمرن ۾ سنڌ جا فيصلا ڪرڻ وارا ئي سنڌ جا مالڪ آھن، پر عوام ثابت ڪري ڏيکاريو ته اصل مالڪ سنڌ جي عوام آھي، راشد محمود چيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ جي عوام جي ملڪيت آھن حڪمرانن کي اھو اختيار ناھي ته انھن جي سودي بازي ڪن، مستقبل ۾ اگر اھڙو ڪو ٻيو غير قانوني منصوبو ٿيو ته ان تي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي،آخر ۾ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي سنڌ جي وڏي وزير ڪئي آھي،انھئ ڪري آئون فخر سان سنڌ جي وڏي وزير کي به مبارڪون پيش ڪيان ٿو.