حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ جي ٽريزري کاتي ۾ پينشن، ايل پي آر، سروس بُڪن، زراعت کاتي، پي ڊبليو ڊي کاتي جي بلن ۾ 100 ارب کان مٿي ٿيل ڪرپشن جي هلندڙ انڪوائري جي سلسلي ۾ ناڻي کاتي جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ٽريزريز حبيب الرحمان آرائين پرڳڻي جي سمورن ضلعن جي ٽريزري جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن ۽ ٻين عملدارن کي ليٽر جاري ڪري پروگريس ۽ ويريفڪيشن آف پينشن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل ليٽر موجب ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪموٽيشن، گرئجوئٽي، ايل پي آر، پينشن ڪيسن جا تفصيل ۽ جيڪي پينشن ڪيس اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ مان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسن ڏانهن منتقل ٿيا آهن انهن جا تفصيل ۽ جيڪي پينشنون پينشنرز جي فوتگي بعد بند ٿيون آهن ۽ جعلي آهن انهن جا تفصيل موڪليا وڃن. ليٽر ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن کي وڌيڪ هدايت ڪئي وئي آهي ته پينشن جي بند پيل اڪائونٽن مان جيڪا رڪوري ٿي آهي ان جا تفصيل روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ ڪم، ويريفڪيشن، فوٽو ڪاپي آف پروفارمه، اي، بي ۽ سي تصديق ٿيل تاريخ سان گڏ موڪليون وڃن. ليٽر ۾ اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته پينشن بابت ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسن ۾ جيڪي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن انهن جا تفصيل به موڪليا وڃن جن تي تاريخ ۽ ڏينهن به لکيل هجي.