سنڌ جي نئين سر تعمير ڪجهه خدشا

0
127
سنڌ جي نئين سر تعمير ڪجهه خدشا

 سنڌ جي سياسي، سماجي، ادارتي ۽ لاڳاپيل ساڃاھه وندن جي حلقن ۾ سنڌ جي نئين سر تعمير ۽ جياپي جي حوالي سان بحث هلندڙ آهي. ان پوري بحث ۾ ٻه بلڪل واضح نڪتا آهن، هڪ بلڪل اُتر پاسي ته ٻيو بلڪل ڏکڻ پاسي. حڪومتي ۽ ادارتي موقف اِهو آهي ته ٻوڏن کانپوءِ جي بحالي لاءِ ۽ سنڌ کي اهنجن مان ڪڍڻ لاءِ هر قسم جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ جيترو ڪرڻ ممڪن هو ان کان وڌيڪ ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي بيٺل حلقن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪونه ڪيو ويو آهي ۽ ٻڏل سنڌ کي اڪيلو بي يارو مددگار ۽ پنهنجي مدد پاڻ تي ڇڏيو ويو آهي. ان سڄي بحث ۾ نيت، عمل، رٿابندي، مالڪي، سچائي جهڙن صفتن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. لفظي بيانن کان وٺي عملي قدمن تائين ۽ عملي بهتر قدمن تائين هڪ رستوهوندو آهي، هڪ ترڪيب هوندي آهي، جنهن مان خبر پوندي آهي ته هوائي ڳالهيون آهن يا حقيقي!

                 دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آيل آفتن کانپوءِ، جتي جتي نئين سر تعمير ٿي آهي، اتي جا تجربا ۽ سبق تحقيقن ۾ محفوظ ٿيل آهي. ساڳئي نموني پاڪستان ۽ سنڌ ۾ آفتن جي طرز حڪمراني کان وٺي آفتن سان لاڳاپيل پاليسي، قانوني، ادارتي ۽ سماجي گهاڙيٽن تي پڻ مواد موجود آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو دعويٰ ڪري ٿو يا ڪو الزام هڻي ٿو، انهن جي لاءِ پرک زميني حقيقتن سان لاڳاپيل جيڪي تحقيقون ڪيل آهن، جيڪي فريم ورڪ جوڙيل آهن ۽ جن عملي قدمن کڻڻ جي ڳالهه ڪيل آهي، انهن کي ڏسڻو پوندو.

“ڪجهه نه ٿي رهيو آهي” ۽ “سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي” کي ڪجهه بنيادي حوالن سان ڏسي مناسب راءِ قائم ڪرڻ ڏانهن وڌون ٿا.

پهريان کان بهتر تعمير جنهن کي بلڊنگ بيڪ بيٽر چيو ٿو وڃي، ان تعمير جي طريقي کي 2004ع جي هندي وڏي سمنڊ ۾ آيل سونامي کانپوءِ اپنايو ويو آهي، ڪٿي ان کي ڪاميابيون مليون آهن ته ڪٿي وري اِهو عمل ۾ نه اچي سگهيو آهي. 2005ع واري ڪشمير واري زلزلي کانپوءِ پاڪستان ۾ ERRA ارٿ ڪئڪ ريڪنسٽرڪشن اينڊ ريهيبيليٽيشن اٿارٽي جوڙي وئي، جنهن قابل قدر ڪم ڪيا. عالمي سهڪار بهتر هو پر ڇاڪاڻ ته اها ايجنسي مرڪزي هئي ان ڪري ان جي ادارتي جوڙجڪ ۾ مرڪزي ادارن مان ماڻهو کنيا ويا ۽ اهي علاقائي ۽ مڪاني ادارن سان ادارتي رابطه ۽ تجربو پيدا ٿي نه سگهيو. ساڳي طرح 2010، 2011 کان وٺي اڄ تائين جي ٻوڏن ۾ ان ادارتي ربط ۾ وڏا جهول محسوس ڪيا ويا آهن. سوال اِهو آهي ته سهڪار، ڳانڍاپي ۽ ربط وارا مسئلا جيڪي پوين آفتن جي دوران ظاهر ٿيا هئا، ڇا انهن کي بهتر ڪيو ويو آهي.  هڪ ٻيو اهم سوال اِهو آهي ته اسان ترقي پذير ملڪن جي لسٽ ۾ نٺر ٻار جيان پوئين بئنچن تي ويٺل آهيون، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ آيل آفتن اِهو ٻڌايو آهي ته هنن کان پڻ آفتن کي منهن ڏيڻ ۾ ويساهه گهاتيون ٿيون آهن. جيتوڻيڪ امير ملڪن ۾ آيل آفتن جي ڪري موت ان کان گهڻا گهٽ ٿين ٿا جيڪي ساڳي آفت جي صورت ۾ غريب ملڪن ۾ ٿين ٿا. سمجهڻ کپي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي وسيلن، صلاحيت، شفافيت ۽ ادارتي ڪمزورين جي باوجود چوندا رهنداسون ته “اسان زبردست ڪري رهيا آهيون” ته اهو حقيقتن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.

برطانيه جي ’عالمي ترقي جي اداري‘ (ڊپارٽمينٽ فار انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ) مطابق، دنيا مان حاصل ڪيل ڪجهه بنيادي سبق آهن، جن کي نئين سر تعمير ۾ ياد رکڻ انتهائي اهم آهي. انهن جو ذڪر ڪرڻ مان شايد اسانکي اندازو ٿي سگهي ته سنڌ جي نئين سر تعمير ڪهڙي پاسي وڃي رهي آهي.

آفتن کان پوءِ واري بحالي ۽ تعمير عام بحالي ۽ تعمير کان وڌيڪ ڏکيو ۽ گهڻ پاسائو ڪم آهي، جنهن ملڪ ۾ عام ترقي جا ڪم بهتر ٿيندا هوندا ته پوءِ اتي آفتن کانپوءِ واري بحالي بهتر ٿيندي. ان اهم ڳالهه کي جيڪڏهن ذهن ۾ رکي  ڏسجي ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عام حالتن ۾ ترقي واري ڪمن جو معيار ڪهڙو آهي، ۽ بهتر ڪم ڪرائڻ جي سياسي ۽ ادارتي صلاحيت ۽ مقصديت ڪهڙي رهي آهي، جواب بلڪل آسان آهي. اسان وٽ ڪمن جي رٿابندي کان وٺي مڪمل تعمير تائين وارن سڀ مرحلن ۾ وڏا جهول آهن ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اسانجو سڄو اڏاوتي نظام فيل ٿيو وڃي. ان ۾ ڪجهه اهم ۽ اعليٰ معياري ڪمن جا مثال ضرور موجود آهن. سنڌ حڪومت ۾ ئي عمارتي، نهري، روڊن جا ڪم اهڙا به ٿيل آهي جيڪي معيار جي گهاڙيٽن تي پورا لهن ٿا. پر انهن کي بنياد بڻائي مجموعي راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي. مجموعي راءِ اِها قائم ٿيندي جيڪا ڪنهن به ڪرت جي اڪثريتي نتيجي ۽ اثر مان نڪرندي. سو، اسان وٽ ڪم معياري نه ٿيندا آهن، ان ڪري اهو تمام وڏو انديشو آهي ته نئين تعمير وارا ڪم پڻ معياري نه ٿين.

اڏاوتي ترقيءَ کي هڪ مربوط نظام تحت ڏسڻ ضروري آهي. سوَلي ٻوليءَ ۾ عام ٿيندڙ ترقياتي ڪم ۽ آفتن کي ذهن ۾ رکي بچاءُ ۽ سهپ پيدا ڪرڻ وارا ڪم هڪ ئي نظريي سان ڏسڻ گهرجن. ان حساب سان لاڳاپيل پاليسيون، قانون، پروگرام ۽ ادارتي سگهه هجڻ ضروري آهي. ان پرک کي ڏسجي ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ پاليسي ۽ قانوني سطح تائين شيون بهتر آهن. پاڪستان جون عالمي سطح تي پڻ ڪيترن اهم عهد نامن تي صحيحون پڻ ڪيل آهن. جيئن قانون جي حڪمرانيءَ ۾ پاڪستان ملڪن جي قطار جي آخري پنجاهي ۾ آهي ۽ ٻين قانوني پورائن سان گڏ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ آفتن کي گهٽائڻ ۽ بچاءُ جهڙن پاليسن تي عمل نه هئڻ جي برابر آهي. ادارتي سگهه جي ڪمزورين بابت اڳ ئي گهڻو ڪجهه چيل آکيل آهي. ان ڪري مجموعي طور تي ان پرک تي پڻ اسان جو نظام پورو نٿو لهي. عام ترقي واري ڪمن جي رٿابندي، جيڪا ايندڙ “ساليانو ترقياتي پروگرام/پلان” ٺاهڻو آهي، ان ۾ انهن سڀني ڳالهين جو خاص خيال رکي بحالي ۽ عام ترقي واري ڪمن کي اهڙي نموني رٿابند ڪرڻو آهي ته جيئن سنڌ جي اڏاوتي نظام ۾ جٽاءُ داري ۽ سهپ پيدا ٿي سگهي. اسان جو ادارتي نظام ڪامورا شاهي ۽ سياسي فائده شاهي جي عاليشان گٺ جوڙ آهي پر هن وقت ان نظام کي سمجهي نئين سر تعمير لاءِ پراڻا فارمولا ۽ ترڪيبون مٽائڻيون پونديون.

اسا وٽ ڪم ڪرائڻ جا طريقا، انهن جي سگهه، معيار ۽ تعميري مرحلن سان لاڳاپيل ضرورتون، بلڊنگ ڪوڊ، اسٽينڊرڊ ۽ ٻيا ماڻ بلڪل مقرر ٿيل آهن. جيڪڏهن سوال ڪجي ته انهن معيارن ۽ ماڻن تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو ته سرڪاري ادارا، ٺيڪيدار ۽ لاڳاپيل ماڻهو سچ اوڳاڇي ڏيندا ته “ڇڪي ڇڪي پنجاھه سيڪڙو” ان ڪري جتي عام حالتن ۾ ئي مقرر ٿيل ڪوڊن ۽ ماڻن تي عمل نٿو ڪيو وڃي، انهن تي تڪڙي بحالي ۽ تعمير واري ڪم ۾ ڪيئن يقيني بڻايو ويندو؟!

جتي وڏا جهول هجن، اتي وڏا ٽپا به ان جھول کي پار نه ڪري سگھندا، ان کي مرحلي وار، ترتيب سان “واڌو بهتري” واري ماڊل سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. حڪومت سنڌ هڪ انتهائي اهم ڪم ڪيو آهي جو پوين ڪجهھ سالن کان مسلسل اڏاوتي ترقي  ۽ انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ادارن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتيون ڪيون آهن ۽ نوجوان، قابل پروفيشنل انهن ادارن ۾ شامل ٿيا آهن. انهن کي پروفيشنل اخلاقيات جي تربيت سان نئين سر تعمير وارن ڪمن ۾ ذميداريون ڏيئي، انهن ڪوڊن، سپيسيفيڪيشن، معيار ۽ ماڻن تي بهتر عمل ڪرائي سگهجي ٿو. ان جي معنيٰ هي پڻ آهي ته روايتي طريقي سان ڪم نه ٿيڻ کپن نه ته ترقيءَ وارو هي اهم مرحلو فائدن جي بجاءِ نقصان نه ڏئي وجهي.

جنيوا ۾ ٿيل تازي ڪانفرنس جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان محترم شهباز شريف، محترم بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستاني ٽيم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل محترم انتونيو گٽيروس گڏجي 16 ارب ڊالرن جي پلان سان ريزيلينٽ پاڪستان-اڳ کان بهتر سهپ سان، سگھارو ۽ لچڪ رکندڙ- جو وچن ڪيو آهي. ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ شفاف رستو، صلاحيت واري ٽيمن، سمجهه، عقل ۽ بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي ڪم کي تڪميل تائين پهچائڻ جو وچن ڪرڻ پڻ ضروري آهي. اِها ريزيلينٽ واري صفت جي نتيجي ۾ هي اهم شيون ٿيڻ کپن: آفتن جي نتيجي ۾ ايندڙ هيٺ مٿاهين، جهٽڪن کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ۽ حالتن، ماحوليات ۽ ٻين عنصرن جي حساب سان رهڻ ۽ گذارو ڪرڻ جي سگهه! هڪ ريزيليٽ سنڌ لاءِ اِهو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. اهي وصفون ادارن، اقتصادي ڍانچي، ماڻهن، شهرن، ڳوٺن، عمارتن ۽ اڏاوتي ڍانچي تي لاڳو ٿين ٿيون! هاڻ پنهنجو پاڻ کان ذميدارن کان اِهو سوال ضرور پڇون ته ڇا اِهو سڀ ڪجهه نيتن ۽ عملي طور تي ڪم ڪري سگهنداسين. هڪ ٻي ڳالهه پڻ سمجهڻ گهرجي ته اسان وٽ هاڻ غلطي ڪرڻ جي گنجائش بلڪل ڪونهي!

اسان کي اِها ڳالهه پڻ سمجهڻي پوندي ته آفتون ۽ مصيبتون قومن ۽ ملڪن لاءِ بهتري ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ اهم موقعو فراهم ڪنديون آهن. هي موقعو ڪن چند ماڻهن، وڏن منڍين وارن ۽ سگهارن ڌرين لاءِ مال متاع ٺاهڻ جو نه هئڻ کپي. هي ٺلهين ڳالهين، نعرن، بيانن ۽ تنقيدن جي صورت ۾ هجڻ جي بجاءِ عملي طور، کليل، نظر ايندڙ، اتساهه ۽ سچائي سان هجڻ کپي.

هن وقت، زميني حقيقتن کي ذهن ۾ رکندي هڪ واضح پيغام ملي ٿو ته نئين سر تعمير بلڪل اهڙي نه هجڻ کپي جيڪا ٻوڏن کان اڳ واري هئي ۽ جنهن جي ڪري آفتن جي اثرن ۾ واڌارو ٿيو. جن جي ڪري، سڌي ۽ اڻ سڌي طرح آفتن جي نقصانن کي هٿي ملي. پر هي سمورو نئين سر تعميراتي ۽ اڏاوتي مرحلو اهڙي نموني سرانجام ڏيڻو آهي ته جيئن سنڌ سگھاري ٿي اڳتي وڌي بلڪِه ڪنهن به آفت کي مُنهن ڏئي وري زندگيءَ ڏانهن تڪڙي روان ٿي سگھي.

[email protected]

هن مضمون لاءِ هيٺين ڪتابن/رپورٽن کان مدد ورتي وئي:

Effective Past-disaster Reconstruction Programs (DFID, 2016).

Safer Homes, Stronger Communities A Handbook for Reconstructing after Natural disasters.

Post-disaster Reconstruction of the Built Environment.