سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ ڪوٽيشنز تي بندش: ماهوار ملندڙ او زيڊ ٽي شيئر، خرچن ۽ ملازمن جا تفصيل طلب

0
56
سنڌ اسيمبلي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن بابت متحده جي قرارداد رد
سنڌ اسيمبلي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن بابت متحده جي قرارداد رد

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن خاص طور تي  ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين ۽ يوسيز جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان اٿاريندي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کان صوبي جي سمورين ميونسپل ڪارپوريشنن، ٽي ايم سيز، ضلع ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين ۽ يوسيز کي هر مهيني ملندڙ او زيڊ ٽي فنڊن،  خرچن ۽ ملازمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. پي اي سي پني عاقل ميونسپل ۾ ساليانو 80 لک رپيا پيٽرول جي مد ۾ خرچ ڪرڻ تي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهوڪي اجلاس ۾ سکر ڊويزن جي ضلعي ڪائونسلن جي چيف آفيسرن، ميونسپل ڪاميٽين جي چيف ميونسپل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سکر ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلن جو سال 2019ع کان 2022ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ميونسپل ڪاميٽي پنوعاقل پاران پيٽرول تي ساليانو 80 لک ۽ گاڏين جي مرمت (مينٽيننس ) تي 10 لک رپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو. ميونسپل ڪاميٽي پنوعاقل جي سي ايم او سجاد سمائر ٻڌايو ته ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ميان عبدالقوي انڍڙ هر مهيني 600 ليٽر پيٽرول استعمال ڪري ٿو ، ميونسپل ڪاميٽيءَ جي 17 گاڏين کي پڻ پيٽرول ڏنو ويندو آهي، پيٽرول جي مد ۾ ساليانو خرچ 80 لک آهي. جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو کانئس پڇاڻو ڪندي چيو ته صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي پيٽرول جي حد 300 کان 400 ليٽر ماهوار آهي، هڪ ميونسپل چيئرمين هر مهيني 600 ليٽر پيٽرول ڪيئن استعمال پيو ڪري ؟. پي اي سي چيئرمين پني عاقل ميونسپل ۾ پيٽرول تي 80 لک رپيا خرچ ٿيڻ جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي اي سيءَ ميونسپل ڪاميٽي پنوعاقل پاران ٽيڪس جي مد ۾ 79 لک وصول ڪرڻ باوجود سرڪاري خزاني ۾ جمع نه ڪرائڻ جو نوٽيس وٺندي سي ايم او کي 15 ڏينهن ۾ رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. پي اي سيءَ ميونسپل ڪاميٽي پنوعاقل پاران منظوريءَ بنا 63 ڊيلي ويجز ملازم ڀرتي ڪرڻ تان لاڳاپيل آفيسر کي معطل ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو، پي اي سي ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي جي چيئرمين بنگل مهر پاران بنا ٽينڊرن جي 3 ڪروڙ رپين جون ڪوٽيشن ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته لوڪل ڪائونسلن مان 95، 95 هزارن جي  ڪوٽيشن ذريعي پئسا ڪڍرائڻ معمول بڻجي ويو آهي، هاڻي اِهو طريقو نه هلندو ، هان مڪاني ادارا ڪوٽيشن بدران ٽينڊر ڪرائي ڪم ڪرائين. اجلاس ۾ روهڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ 772 ملازم هجڻ ۽ ماهوار 7 ڪروڙ 54 لک رپيا او زيڊ ٽي فنڊ جاري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو، جنهن کانپوءِ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سڄي سنڌ جي ميونسپل ڪارپوريشنن، ضلع ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين ۽ يوسين کي هر مهيني جاري ٿيندڙ او زيڊ ٽي فنڊن ۽ خرچن سميت ڪائونسلن جي ملازمن جي ڊيٽا تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ طلبي ورتي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙي چيو آهي ته اربين رپيا لوڪل ڪائونسلن تي خرچ ٿيڻ باوجود ٻهراڙين وارن علائقن ته ڇا پر شهرن جي به حالت تسلي بخش ناهي.