ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري کاتي پاران ميونسپل، ٽائون توڙي يوسي ملازمن ۽ ٻئي عملي جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ بايوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ ۽ پگھارون ٽريزري ذريعي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، سمورن ٽائون چيئرمينن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزير مبين جماڻي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مڪاني ملازمن جي بايوميٽرڪ ڪرائي، سندن پگھارون سِڌي ريت سندن اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيون وڃن. هن چيو ته گوسڙو ملازمين کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو، هاڻي کين وڌيڪ برداشت ڪري نٿا سگھون، هن چيو ته هن وقت صورتحال اها آهي جو او زيڊ ٽي شيئر واري جاري ٿيندڙ رقم ملازمن جي پگھارن ۾ ئي هلي وڃي ٿي، جنهن ڪري عوامي مفادن وارا ڪم ٿيندي نظر نٿا اچن، هن وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اها رقم صحيح طريقي سان استعمال ڪرائي وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته يوسي سطح تائين بايوميٽرڪ سسٽم لڳائي ان جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ٽائون يا يوسي سطح تي ڪي به انتظامي يا مالي مسئلا آهن ته لاڳاپيل اختياريون سِڌي ريت مون کي آگاهه ڪري سگھن ٿيون، اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون به قائم ڪيون وينديون. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي ادائگي کي يقيني بڻايو وڃي.