راڻيپور (ن پ ا) سنڌ جي موجودهه صورتحال ۽ قومي تحريڪ جون ذميداريون جي عنوان هيٺ پريس ڪلب راڻيپور ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران قومپرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو جو ليڪچر پروگرام ٿيو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شھرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي عبدالخالق جوڻيجو ۽ بشير شاھ خطاب ڪندي چيو سنڌ جي موجودهه صورتحال انتهائي ڏکي آهي، سنڌ اسان جو ھزارين سالن کان تاريخي وطن آھي، سنڌ جي معيشيت ۽ امن امان تباهه ڪيو پيو وڃي، موجودهه صورتحال ۾ قومپرست اڳواڻن کي هڪ ٿي بيهڻو پوندو، سنڌو مان پاڻي کڻڻ اسان جي نسلن کي تباھ ڪرڻ آھي، سنڌودرياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي دل، روح ۽ زندگي آهي.