سنڌ جي معيشت ۽ ماحوليات لاءِ موت جهڙو فيصلو

0
46
ڌماڪن سان ڌڏندڙ ملڪ ۽ “بيپرواهه بادشاهه”

خبرون آهن ته، سيڪريٽري ارسا پنجاب حڪومت کي پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ارسا جي منظوري کان پوءِ پنجاب حڪومت ستلج دريا سليمانڪي هيڊورڪس کان چولستان ڪينال ڪڍي ويندي. ارسا اختيارين جو چوڻ آهي ته چولستان منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو. اهڙي طرح ارسا جي سنڌ ميمبر احسان لغاري هن فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي. ميمبر ارسا چيو آهي ته سيڪريٽري ارسا پاران چولستان چولستان کي پاڻي جي فراهمي جي منظوري سان متفق ناهي، سيڪريٽري ارسا پاران پنجاب حڪومت کي پاڻيءَ جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. ميمبر ارسا سنڌ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته چولستان منصوبي کي پاڻي جي فراهمي سان سنڌوءَ جو پاڻي گهٽ ٿيندو، سيڪريٽري ارسا جنهن پاڻي جي دستيابي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو صرف ستلج دريا جو ناهي، سليمانڪي هيڊ ورڪس کان لنڪ ڪينال ذريعي پاڻي ورتو ويندو.

نيٺ اهو ئي ٿيو، جنهن جو خوف هو، ارسا جي ملي ڀڳت سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙيواليءَ کي قانوني شڪل ملي وئي آهي ۽ ارسا پنجاب حڪومت کي پاڻيءَ جي دستيابي جو جيڪو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي ان موجب چولستان منصوبي لاءِ ساڍا 4 لک ايڪڙ فٽ پاڻي جي دستيابي ڄاڻائي وئي آهي. سنڌ سان پاڻيءَ جي معاملي ۾ ٿيندڙ ناانصافي هڪ انتهائي سنجيده مسئلو ۽ ملڪي استحڪام سان جڙيل معاملو آهي. هن وقت سڄي سنڌ تڪراري ڪئنالن واري معاملي تي سراپا احتجاج آهي پر ان احتجاج کي ليکي ۾ نه آڻيندي پنجاب کي ڪئنالن لاءِ پاڻي جي دستيابي اڳ ۾ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ارسا جو ادارو به سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙيواليءَ ۾ پنجاب سان ڌر بڻجي بيٺل آهي. هن کان اڳ ۾ به پنجاب ڪنهن به واعدي ۽ معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اسان سمجھون ٿا ته سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سزا ڏني پئي وڃي. هن کان اڳ چشما – جهلم ۽ تونسا – پنجند ذريعي پنجاب ڌئونس ۽ داداگيريءَ سان پاڻي کڻندو رهيو آهي. جيڪي هونئن ته فلڊ ڪئنال آهن ۽ صرف تڏهن واهئڻا آهن جڏهن درياهه ۾ ٻوڏ هجي پر پنجاب انهن کي مدامي واهن وانگر ٻارهو ئي وهائي پاڻي کڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت اها حالت آهي جو زراعت ته پري جي ڳالهه ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي. ڊيلٽائي تباهي ڪنهن کان لڪل ناهي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. سنڌ جي سرير ۾ صحرا سرايت ڪندو وڃي. ايڏي ناانصافي جي باوجود سنڌ آواز اٿاري ٿي ته ان کي ٻڌو نٿو وڃي. هي اهو ئي رويو آهي جيڪو بنگالين سان روا رکيو ويو ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ جي 24 سالن اندر هي ملڪ ٻه ٽڪرا ٿي ويو. اسان جا حڪمران ان مان به سکڻ لاءِ تيار ناهن. هن ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اهو ياد رکڻ گھرجي ته ملڪ جي استحڪام جي قيمت تي ناانصافي تي ٻڌل فيصلا نه ڪيا وڃن، ڇو ته هي ملڪ ڪنهن ٻئي سانحي جو متحمل نٿو ٿي سگھي. ۽ اهو به ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي ماڻهن خوف کي فتح ڪري ورتو آهي ۽ جيڪا قوم خوف کي فتح ڪري وٺي، ان کي ڪنهن به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ذريعي مطيع رکي نٿو سگھجي.

پاڻي زندگي آهي، پاڻي ۾ پساهه آهن، پاڻيءَ کان محروم رکڻ جو مطلب زندگيءَ کان محروم رکڻ آهي، پاڻي بنيادي انساني حق آهي پر سنڌ جي ماڻهن کي هن ملڪ جا حڪمران اهو جياپي جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. حيرت اها آهي ته پيپلز پارٽي ان سڄي انياءَ تي بيانن کان اڳتي وڌي ڪو ڪردار ادا ڪري نه سگھي آهي. پ پ  مرڪز ۾ اقتدار ۾ ڀائيوار آهي. صدر مملڪت جو اهم منصب به پ پ وٽ آهي. پ پ جڏهن اقتداري شراڪتداريءَ واري فارمولي تي عمل ٿيندي نٿي ڏسي ته حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ جا ڌڙڪا ڏي ٿي پر سنڌ جي معاملي تي ان جو موقف واضح ۽ سگھارو ناهي. انڪري اسان حڪمرانن کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته ڏاهپ ۽ تدبر جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ هن ملڪ جي استحڪام جي قيمت تي فيصلا نه ڪيا وڃن.