سنڌ ۾ ‘اسان جي’ محبوب پيپلز پارٽي 2008ع کان لڳاتار اقتدار ۾ آهي، ۽ بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ايجنڊا مطابق، هڪ سيد، سيد مراد علي شاهه، ان حڪومت جو آئيني سربراهه يعني وزيراعليٰ آهي. سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي اڳوڻي مرحوم وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه جو فرزند آهي. مراد علي شاهه ڪينيڊين يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پهرين سنڌ جو خزاني وارو وزير ٿيو ۽ پوءِ وزيراعليٰ بڻيو. سنڌ جي سياست ۽ وڏ وزارت لاءِ هن پنهنجي ڪينيڊين شهريت ڇڏڻ قبول ڪئي. پڙهيل لکيل، خوش اخلاق ۽ رلڻو ملڻو نوجوان آهي. ‘نوجوان’ انڪري چيم جو اسان کان ننڍو آهي، ڪا طنز ناهي ڪيم. وضاحت انڪري ضروري هئي ته پنجاب (سينٽرل پنجاب) جي 18 جيالن مان 8 منهنجا ذاتي دوست آهن، باقي 10 مان ڪو مڇرجي نه پوي. ماڻهوءَ ۽ جيالي جي ڪا ڪَل ئي ناهي پوندي. جيڪڏهن ماڻهو مڇرجي ته سڌو اڊيالوي جي لشڪر ۾ وڃيو ٿاڪ ٺاهي، ۽ جيڪڏهن جيالو مڇرجي پوي فوراً فتويٰ جاري ڪري ٿو ته، “آوهان ته آهيو ئي جمهوريت دشمن”!
هونئن ته جيالا باقي (پنجاب ۾) جيترا به آهن، رونق لڳائي ويٺا هوندا آهن. سندن پارٽي اتحادي حڪومت ۾ شامل آهي، ۽ اهي سوشل ميڊيا تي تلوارون مياڻ مان ڪڍي پيا گهمندا آهن. ياد رهي، اسان پنجاب جي موجوده 18 جيالن ۾ پنجاب جي ‘لبيڪي’ گورنر سليم حيدر ۽ چنيوٽ جي ڪاريگري جي شاهڪار سيد حسن مرتضىٰ کي شامل نٿا سمجهون. ڇو نٿا سمجهون؟ ان جي وضاحت ڪرڻ کان اسان قاصر آهيون. سادن لفظن ۾ چئون ته، “يار، اخلاق به ڪا شيءِ ٿيندي آهي”! معاف ڪجو، هي 18 پنجابي جيالن جو ذڪر بس ائين ئي وچ ۾ اچي ويو، ڳالهه سنڌ کان شروع ٿي هئي. هونئن به انهن 18 مان 18 ئي جيالا سنڌ جا ‘فضائل’ بيان ڪندي نٿا ڪجن. انهن مان ٻه ته اسان جا ويجها عزيز آهن ۽ اسان محبت ۾ کين “ذاڪرِ فضائل و مصائب ڳڙهي خدابخش” چوندا آهيون. ڇاڪاڻ ته اهي عزيز آهن، تنهنڪري ڪروڌ ڪونه ٿا ڪن. ان لاءِ سندن ٿورو مڃجي، ايترو ته اهي لهڻن ٿا.
ها ته پيارا پڙهندڙؤ، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي گذريل 16 سالن کان اقتدار ۾ آهي. ان سان سنڌ ۽ سنڌين کي ڪهڙو فائدو ۽ ڇا نقصان ٿيو، اهو اسان جو موضوع هرگز ناهي. اسان جو موضوع ۽ مسئلو سنڌ ۾ رهندڙ، سنڌ جي اصل مالڪ هندو برادري آهي. هاڻ اوهان اهو نه پڇجو ته اسان هندو برادري کي سنڌ جو “اصل مالڪ” ڇو لکيو. مقامي ڌرم ۽ سڃاڻپ جي حساب سان ته اهي ئي سنڌ جا مالڪ آهن. پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته جيڪي گذريل 12 يا 13 سئو سالن دوران هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيندڙ سنڌي ناهن، يا مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿيندڙ مقامي سنڌي نه رهيا آهن. ها، جيڪڏهن ڪو مذهب مان قوميت پيڙي نپوڙي ڪشيد ڪري ان تي فخر ڪري، يا ڪيترن نسلن کان سنڌ ۾ رهڻ باوجود پاڻ کي “سنڌي” سمجهڻ بدران ڪجهه ٻيو چوندو ۽ سمجهندو هجي، ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون.
سنڌ جي هندو برادري اڄ نه، پر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مظلوم ترين برادري رهي آهي. اها برادري جبري مذهبي تبديليءَ جي دعوتن جو ته نشانو بڻجندي ئي رهي آهي، پر ان کان به وڏو ۽ خوفناڪ ظلم اهو آهي ته سنڌ جي ڪجهه وڏن پيرن، ميرن ۽ مُلن جي سرپرستيءَ هيٺ، هن برادري جي نياڻين کي اغوا ڪري، جبري مذهب تبديل ڪرائڻ، ۽ پوءِ پنهنجن عقيدتمندن سان شادي ڪرائڻ جو ڪاروبار هڪ ڊگهي عرصي کان جاري آهي. ان ڪاروبار ۾ ٻه وڏا پير خاندان خاص طور تي مشهور آهن – هڪ ڀرچونڊي شريف وارا، ۽ ٻيا عمرڪوٽ جا سرهندي پير. انهن ٻنهي پيراڻن گهراڻن کانسواءِ به، هندو نياڻين جي اغوا، جبري مذهبي تبديلي ۽ مسلمانن سان شادي ڪرائڻ جي ڪاروبار ۾ درجنين مولوي، انهن جا مدرسا ۽ ايجنٽ شامل آهن. ظلم اهو آهي ته اڃا تائين ڪنهن به هندو خاندان کي پنهنجي اغوا ٿيل نياڻيءَ جي حوالي سان ڪڏهن به انصاف ناهي مليو. انصاف ڇو نٿو ملي؟ ان جا مختلف سبب آهن، جن مان هڪ وڏو سبب هي آهي ته مذهب جي نالي تي ڪاروبار ڪندڙن جو هڪ منظم نيٽورڪ موجود آهي، جنهن ۾ مختلف طبقن ۽ سرڪاري کاتن جا بااثر ماڻهو به شامل آهن.
اسان جي ميڊيا جي مقامي نمائندن مان تمام ٿورا اهڙا آهن، جيڪي مظلوم هندو برادري جو ساٿ ڏين ٿا. تازو ئي، هندو برادري جي ٽن نياڻين ۽ هڪ ڏهن يارهن ورهين جي ٻار جي اغوا ۽ جبري مذهبي تبديليءَ جو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو. ان معاملي ۾ به، جيئن هميشه ٿيندو آهي، مقامي عدالت اغوا ٿيل نياڻين کي شيلٽر هوم ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو، ڇاڪاڻ ته عدالت جو خيال (هميشه وانگر) اهو ئي هو ته جيڪڏهن نياڻين کي والدين حوالي ڪيو ويو ته والدين مٿن دٻاءُ وجهي کين ٻيهر هندو بڻائي ڇڏيندا. سوال هي آهي ته عدالت اهو ڇو نه ڏٺو ته اغوا ۽ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جو نشانو بڻجندڙ نياڻيون نابالغ آهن؟ ڇو هميشه وانگر عائلي، خانداني يا گهريلو قانونن ۾ ڄاڻايل بالغ هجڻ جي عمر بدران مُلن جي ڏٽن کي حرف آخر سمجهيو ويو؟ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ۾ گذريل سورهن سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي. جيالن کان ڪو پڇي ته پنهنجي ‘روشن خيال’ جماعت جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت کان پڇن ته گذريل 16 سالن دوران ڪيترا هندو خاندان پنهنجين نياڻين جي اغوا ۽ جبري مذهب تبديل ڪرڻ واري منظم ڪاروبار کان تنگ ٿي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا ۽ ڀارت يا ٻين ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا؟ ڀارت کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيندڙ هندو خاندان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، پر ڀارت منتقل ٿيندڙ خاندانن جو انگ سوَن ۾ آهي.
کن پل لاءِ ترسو ۽ ياد ڪريو ته 2012ع ۾ به هندو نياڻين جي اغوا ۽ جبري مذهب جي تبديليءَ جي لهر اٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان وقت نياڻين جي اغوا ۽ زبردستي مذهب جي تبديلي تي انصاف نه ملڻ سبب لڳ ڀڳ 15 هزار هندو ڪٽنب سنڌ ڇڏي ڀارت لڏي ويا هئا. ان وقت پيرن، ميرن ۽ مولوين سان گڏ سنڌ حڪومت جا وڏا به ان انگ کي پروپيگنڊا قرار ڏيندي نظر آيا، يعني ڪنهن به ان ڳالهه جي ترديد نه ڪئي ته هندو برادري جا خاندان نياڻين جي اغوا ۽ مذهب جي تبديلي جي ڊپ کان سنڌ ڇڏي رهيا آهن. فقط انگن اکرن بابت چيو ويو ته اهي صحيح نه آهن.
هاڻ اچو تازي واقعي طرف. ان واقعي ۾ 11 ورهين جي هندو برادري جي هڪ ڇوڪري جو وڊيو بيان موجود آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته کيس هٿيارن جي زور تي ڪلمو پڙهايو ويو. اغوا ٿيندڙ ٽن هندو نياڻين (جن مان هڪ نابالغ آهي) جو معاملو به ساڳيو آهي. انهن مان هڪ نياڻي پوليس وين ۾ ويٺي روئندي پنهنجي پيءُ کي چئي رهي آهي: “بابا، مون کي گهر وٺي هلو”. تقريباً اڻ پڙهيل نابالغ نياڻين جو به ساڳيو حال آهي. انهن تقريباً اڻ پڙهيل نياڻين جي دلين ۾ رات وچ ۾ اسلام جي “شمع” ڪيئن روشن ٿي وئي؟ سوال اهو آهي ته اها اسلام جي شمع، هندو ڇوڪرن جي دلين ۾ رات وچ ۾ روشن ڇو نه ٿي؟ يا هن جبري مذهبي تبديليءَ واري ڪاروبار ۾ شامل پير، مير ۽ مولوي، هندو ڇوڪرن کي مسلمان ڪري ڇو نٿا پنهنجن خاندانن يا پنهنجن مريدن جي خاندانن جو حصو بڻائين؟ افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته هي مذموم ڪاروبار ان صوبي ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪو سيڪيولر ۽ لبرل سڏجندڙ پيپلزپارٽي جي مڪمل عملداريءَ ۾ آهي. هاڻ ڪو اهو نه چئي ته ان ۾ پيپلزپارٽي يا سنڌ حڪومت جو ڪهڙو قصور آهي؟
هڪ بنهه سادو سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ لڳاتار 16 سالن کان اقتدار ۾ آهي. انهن 16 سالن دوران، هندو برادري جي اغوا ٿيندڙ نياڻين کي زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪرائڻ وارن واقعن کانپوءِ، سنڌ حڪومت يا پيپلزپارٽي ڪيترن مظلوم خاندانن سان گڏ بيٺي؟ هتي مان بلڪل چِٽن لفظن ۾ اهو لکي ٿو ڇڏيان ته هندو برادري مسلسل اهو الزام هڻندي اچي ته سندن نابالغ نياڻين جو اغوا، جبري مذهبي تبديلي ۽ شاديون – اهو سڀ هڪ منظم ڪاروبار آهي.
هڪ ڀيرو ٻيهر عرض ڪري ڇڏيان ته هن ڪاروبار ۾ ڀرچونڊي شريف جا پير، عمرڪوٽ جا سرهندي پير ۽ درجنين مولوي صاحبان ملوث ڄاڻايا وڃن ٿا. سوال هي آهي ته سنڌ حڪومت اڄ ڏينهن تائين انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟ ۽ جيڪڏهن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي ته ڇو؟ ڇا حڪومت هن ڪاروبار کي عين اسلام سمجهي ٿي؟ اميد ڪجي ٿي ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي انهن سوالن جا تسلي بخش جواب ضرور ڏيندي.