باڊھه (ن پ ا)  سنڌ جي مشهور اسٽيج ۽ ٽي وي جي اداڪار لالا عبدالحسين ساريو جي وڇوڙي کي 14 سال گذري ويا، سندس ورسي جي ڏھاڙي تي کيس نه ثقافت کاتي ياد ڪيو ۽ نه وري آرٽ ڪائونسل طرفان ڪا تقريب منقعد ڪئي وئي، لالاعبدالحسين ساريو باڊهه شهر ڀرسان ڳوٺ گُند شريف ۾ جنم ورتو، کيس ننڍي هوندي کان ئي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو وڏو شوق هو، عبدالحسين ساريو پنهنجي فني سفر جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي،سندس پهريون اسٽيج ڊرامو منزل هيو جنهن کيس مقبوليت ڏني بعد ۾ هن سوين سنڌي، اسٽيج ناٽڪ ۽ ڊراما ڪيا. ڪيترين ئي ٽيلي فلمن ۽ خانگي ٽي وي چئنلز تي هلندڙ فلمن، سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، عبدالحسين ساريو کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا، هو 8 اپريل 2011ع تي ڪينسر جي موذي مرض سبب لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالحسين ساريو جهڙي انسان دوست ۽ سنڌ جي بهترين اداڪار جهڙا انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن. سندس خال صدين تائين نه ڀرجي سگهندو.