حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو ٺٽي جي ريلي ۾ مردن، سنڌياڻين ٻارڙن شاگردن، وڪيلن، صحافين ۽ قلمڪارن پاران ھزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري ريلي کي ڪامياب ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪندي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حور النساءَ پليجو، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز ۽ محمد علي ٽالپر چيو آھي ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي تحريڪ جي جدوجھد جاري رھندي. سنڌ جي زمينن تي قبضن، وسيلن جي نيلامي، ڊجيٽل آدمشماري، پاڻي تي ڌاڙن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف عوامي تحريڪ طرفان 22 سيپٽمبر تي سجاول ۾ ريلي ڪڍي ويندي. 30 سيپٽمبر تي دادو ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي ۽ 15 آڪٽوبر تي بدين شھر ۾ عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي جلسو ڪيو ويندو جنھن ۾ سنڌ جي گھڻ گھرن اديبن، شاعرن، فنڪاري، صحافين، وڪيلن، ھاري ۽ مزدور اڳواڻن کي شرڪت جو سڏ ڏيون ٿا. ھنن چيو ته ھڪڙي پاسي سنڌ جي زمينن، جبل، ڍنڍن، ڍورن ۽ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن تي قبضا ڪرڻ لاءِ قبضاگيرن جي ماڪڙ لٿل آھي ته ٻئي پاسي سنڌ جو پاڻي بند ڪري ننڍن آبادگارن کي زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. سنڌي ماڻھن کي زمينون وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪري سنڌ ۾ بيھارين، بنگالين، افغانين، ھندستانين ۽ ٻين غيرملڪين جو قبضو ڪرايو پيو وڃي. زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غيرملڪين حوالي ڪري سنڌ جي لکين ھارين کي بيدخل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. هنن چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور رھندڙ غيرملڪين کي فورن ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ غيرقانوني طور رھندڙ غيرملڪين خلاف ڪريڪ ڊائون ٿي سگھي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇو نٿو ٿئي؟ ڇا سنڌ ۽ بلوچستان جا بارڊر مضبوط ڪرڻ رياست جي ذميواري ناھي؟ اڳواڻن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جو آپريشن ھڪ ڊرامي کانسواءِ ڪجھ به ناھي. سنڌ ۾ امان قائم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھرين ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو.