ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪنڊيارو ۾ تيز برسات دوران مَنهه ڪرڻ سبب نينگر دٻجي فوت ٿي ويو
ڪشمور، شهدادپور ۽ کپرو ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪو وسڪارو جاري آهي، ٻوڏ کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿيل ڪڻڪ جي فصل کي نقصان جي خدشي سبب آبادگار پريشان هٿي ويا
کيرٿر جابلو پٽي ۽ ڪاڇي ۾ برسات بعد نئيون تار وهي آيون، نئن گاج، نئن نلي ۽ ٻين نئيُن ۾ پاڻي جي چاڙهه، ڪاڇي جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جو دادو ۽ جوهي شهر سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي
واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم، قصبو، ڇني، بهليل شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پئي، ڪڻڪ، سرنهن ۽ ڌاڻن سوڌو ٻين فصلن کي نقصان رسيو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به برسات جاري رهڻ جا امڪان آهن
هي به پڙهندا