ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ ناري سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا
اوٻاوڙو، خانواهڻ، همايون شريف، سيٺارجا ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر ناري سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو
اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ الله جوايو ڏهر ۾ گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان ڀاءُ مارجي ويو، جوابدار يوسف سولنگي پنهنجي ڀاءُ حق نواز کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو
خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ تنيا بقا شاهه ۾ گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان ڀاءُ مارجي ويو، گهرو اڻبڻت تان 30ورهين جو اختيار حسين تنيو وڏي ڀاءُ جي فائرنگ ۾ مارجي ويو
جڏهن ته همايون شريف ڀرسان ڳوٺ يار محمد عيساڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري ۽ نوجوان جا لاش رات کان اسپتال ۾ پيل آهن
گذريل رات محمد خان عيساڻي بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀاڄائي اميران خاتون۽ نوجوان الطاف عيساڻي کي قتل ڪيو هو
مقتول ناري جي وارثن موجب ناري ۽ نوجوان جا لاش رات کان سول اسپتال شڪارپور ۾ پيل آهن، هن وقت تائين ڪو ڊاڪٽر ناهي آيو
مقتول ناري اميران خاتون جي وارثن موجب نياڻي کي ڪوڙو الزام هيڻ قتل ڪيو ويو، جوابدار کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي
جڏهن ته سيٺارجا ويجهو ڳوٺ ماڪن ڪٻر ۾ 2ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل دڪاندار دم ڏئي ڇڏيو، زخمي محمد ياسين ڪٻر سکر جي سول اسپتلا ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو
ٻه ڏينهن اڳ رات جو هٿياربندن دڪاندار تي فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو هو، پيڇو ڪرڻ تي جوابدار پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي جهنگ ۾ فرار ٿي ويا
هي به پڙهندا