ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، واهي پانڌي، ڊرگهه بالا، باهو کوسو، سٺ ميل، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، دادو، مورو، وڳڻ ۽ ٻين شهرن ۾ تيز هوا سبب سولر پليٽون ۽ ڪکائين گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا. جڏهن ته دادو سٽي جي 12 کان وڌيڪ فيڊرن تي بجلي بند ڪئي وئي.