ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات، ڇپرا اڏامي ويا ڪيترن ئي علائقن ۾ ڀتيون ۽ گهر ڪري پيا، تيز هوا سبب گهرن کي باهيون لڳيون، مختلف حادثن ۾ هڪ ٻارڙو فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪالهه ٻئي ڏينهن به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي. ٻانڌي لڳ تيز طوفان سبب رحمان آباد ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب اڪرم کوکر جا 2 ٻارڙا ارسلان ۽ انشه دٻجي فوت ٿي ويا. پڊعيِدن ۾ طوفاني هوا سبب گهر جي ڀت ڪرڻ ڪري وارڊ نمبر 8 جو رهواسي ارشد ملڪ دٻجي فوت ٿي ويو. ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ ڪوٽ بھادر ۾ تيز طوفاني ھوا سبب گھر جي ڇت ڪرڻ سبب بي بي سنبل زال پير مشتاق دٻجي فوت ٿي وئي. ڀرياروڊ، دالي شھر ۽ آسپاس تيز ھوا سان گڏ برسات شروع ٿيندي ئي بجلي بند ٿي وئي. دڪانن جا ڇپرا، سولر پليٽون، سائن بورڊ اڏامي ويا. گھر پڻ ڪرڻ جا اطلاع آهن. قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، باھوکوسو، ڳڙھي حسن، دوڙ، مانجھي پور، پنھور سنھڙي، انڙ اسٽيشن ۽ ٻين علائقن ۾ تيز ھوا ۽ مٽي جي طوفان سان گڏ برسات سبب بجلي بند ٿي وئي. گڊو ۾ تيز ھوا سبب وڻ ۽ ڇپرا اڏامي ويا. شھدادڪوٽ ۾ تيز طوفان ۽ برسات سبب شمبوزئي محلي ۾ علي رضا شمبوزئي بروهي جي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 7 سالن جو پٽ علي شناور فوت ٿي ويو، 8 ورهين جو ڀائٽيو اسرار بروهي ۽ 3 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي تيز هوائن ۽ وڏ ڦڙي سان برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. سيپڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري لاڙڪاڻي شهر جا اڪثر علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا. رستم ۾ طوفان سان گڏ برسات پئي. ميھڙ ۾ تيز طوفان سبب اياز ڪالوني ۾ عاجز عبدالغفار سولنگي جي گهر جو ٽيڪو ڪرڻ سبب 10 ورھين جو اسرار ۽ 12 ورھين جي بسما سولنگي ۽ مسز نثار احمد سولنگي سخت زخمي ٿي پيا. سينڌل مھيسر پاڙي ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب گھر مالڪ پيرسن حضور بخش لاشاري زخمي ٿي پيو. شهر ۾ تيز هوا سبب کجي جو وڻ ڪرڻ سبب مينهن دٻجي مري وئي. 11 هزار لائن جو ٿنڀو ڪرڻ سبب بجلي به بند ٿي وئي. ڳوٺ صالح ماڇيءَ ۾ سولر پليٽ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻو علي اصغر سولنگي سخت زخمي ٿي پيو. شاھ پنجو لڳ ڪچي ۾ شعيب سومرو جي ڪمدار جي ڪکائين گھر ۽ سولر پينل کي باھ لڳي وئي جنھن سبب ٽيھ سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. راڌڻ ۽ ڀرپاسي وڏي طوفان ۽ تيز برسات سبب گھرن جي ڇتين تي رکيل سولر پليٽون اڏامي ويون. خانپور ۾مٽي جي طوفان بعد گجگوڙ سان برسات سبب خانپورسب ڊويزن جي 200 کان وڌيڪ ننڍن وڏن ڳوٺن خانپور، فيضو ريڍو، رحيم آباد، ناپرڪوٽ، پارڪو، نورمحمد شجراع، پيربخش شجراع، حاجي خواستي، حاجي خان ڪلھوڙو جي بجلي بند ٿي وئي. ڏوڪري ۽ ڀرپاسي برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو. گاجي کهاوڙ ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان زوردار برسات پئي. دريا خان مري ۽ آسپاس تيز طوفاني ھوا سبب چوپائي مال لاءِ ڪيل دونھينءَ مان چڻنگ اٿڻ سبب ڳوٺ ڪھڪاٽ ۽ ڳوٺ ارباب لاشاري ۾ 16 گھرن کي باھ لڳي وئي. ڳوٺ ڪھڪاٽ ۾ ھارون لاشاري، حبيب لاشاري، فيض الله، نصرالله، انتظار احمد، عزيزالله، الھڏنو، ڪالو خان لاشاري، عزيز، حميدو، عبدالوھاب، غفار، فدا لاشاري ۽ ڳوٺ ارباب لاشاري ۾ غلام سرور لاشاري، عبدالحق، وھاب لاشاري جا گھر سڙي ويا. آخري اطلاعن تائين باھ تي ضابطو نه اچي سگھيو هو. ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا به اڏامي ويا ۽ سولر پليٽون ڪري پيون. ڪوٽ لالو ڀرسان تيز طوفان سبب ڳوٺ مٺو اسلامي کي باهه لڳي وئي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ گهر سڙڻ جا اطلاع آهن. سيوھڻ، بوبڪ، آراضي، ڪرمپور، جهانگارا، باجارا، لڪي شاهه صدر ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ تيز مٽي جو طوفان شروع ٿي ويو. بجلي غائب ٿي وئي. سيوهڻ شهر ۾ به اونداهي جو راڄ آهي. قلندر جا پانڌيئڙا پريشان ٿي ويا. سرھاري ۽ آسپاس تيز طوفاني هوائون لڳڻ سبب سمورو علائقو مٽي مٽي ٿي ويو.