ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي،  ڪراچي جي بلديه، سرجاڻي، گلشن اقبال ، سهراب ڳوٺ، گلشان معمار وارن علائقن ۾ هلڪي جهڙ ڦڙ ٿي، جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي  گجگوڙِ سان هلڪي کان وچولي برسات جا امڪان آهن، ننگرپارڪر شهر سميت مختلف ڳوٺن ڪاسٻو ، ڀاڻسر ، ڪوئاڙا  ، چوڙيو ، سوراچند سميت ٻين ڳوٺن ۾ گجگوڙ سان گڏ طوفاني برسات پئي، ڳوٺ رڻپاريو ۾ کنوڻ ڪرڻ جي ٻن واقعن ۾ ھڪ جھوپڙو سڙي ويو،  جڏهن ته پورهيتن لالو، حاجي، ادريس، اميربخش ۽ علي گل جون 12 ٻڪريون مري ويون، ننگرپارڪر ۾ 13 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز ۾ برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.