ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ باهه لڳڻ جَي واقعن ۾ نينگر سڙي فوت ۽ 15 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا: مديجي ڀرسان ڳوٺ محمد مراد علي بروهي ۾ گلزار بروهي جَي گهر کي باهه لڳڻ سبب ننڊ سُتل 14 ورهين جو خليل بروهي سڙي فوت: رپڙي ڀرسان ڳوٺ گهنور پنهور ۾ باهه لڳڻ سبب 10 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، 12ڍور به سڙي مري ويا: ڪرونڊي ۾ شارٽ سرڪٽ مان  باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.