ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات گرمي جو زور ٽوڙي ڇڏيو، موسم خوشگوار، مختلف شهرن ۾ بجلي بند ۽ تيز هوائن سبب ڪچي گهرن جو چتيون اڏامي ويون، مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نمائندن جي رپورٽن موجب نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ جمن چانڊيو ۾ زمين تي ستل 30 ورهين نوجوان عاشق چانڊيو سولر پليٽون مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏھن ته طوفان سبب سوين وڻ پاڙان پٽجي ويا، دادو ۽ ڀرپاسي جي ننڍن ، وڏن شهرن ۾ مٽي جي زوردار طوفان سبب دادو شهر جي ڪچهري روڊ تي مختيار ڪار آفيس سامهون وڻ ۽ اسٽريٽ لائيٽ جا پول ڪري پيا ، شهيد مخدوم بلاول ڀرسان بجلي جو پول ڪري پيو ، ڪيترن ئي هنڌن تي وڻ ڪرڻ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو ، مخدوم بلاول ، ڦلجي وليج سميت ڪيترن ئي فيڊرن تي بجلي بند ٿي وئي، ڀرياسٽي ۽ آسپاس تيز طوفاني ھوا سان برسات پئي، جنهن سبب ڪيترائي گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته سولر پليٽون، دوڪانن جا ڇپرا، سائن بورڊ پڻ اڏامي ويا، ڳوٺ ماڻڪ خاصخيلي ۾ ڪکائون گھر ڪرڻ سبب 10 سالا علي شان خاصخيلي، ڳوٺ ولي محمد بروھي ۾ نظر بروھي، حمزهه بروھي، عرس بروھي، خادم حسين، ڪاشان، خالد حسين، صدام، پرويز علي، دانيال علي، خدابخش، شوڪت علي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، دريا خان مري جي ڳوٺ غلام سرور لاشاري ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب غلام سرور لاشاري، ظھير لاشاري، نديم لاشاري سميت عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 8 گھر ڀاتي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڳوٺ ڪھڪاٽ ۾ سولر پليٽ ڪرڻ سبب انصاف راجپوت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته مٺي، چيلھار، ڇاڇرو، ۾ تيز هوا سان برسات گٽر نالا اٿلي پيا شهر گندگيء سان ڀرجي ويو، تيز هوا سبب دڪانن جا ڇپرا ڪري پيا ۽ هيٺين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم رهيو. ڏيپلو ۾ تيز برسات جو وسڪارو، بجلي جو نظام درھم برھم ،برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي ويئي، هڪ ڪلاڪ تائين تيز برسات جاري رهي، برسات جو وسڪاري ٿيڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ، تيز ھوا ئن سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. اسلام ڪوٽ سميت ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن تي تيز هوا، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ ڳڙن واري تيز برسات جو وسڪارو،بجلي جو نظام درهم برهم،برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي ويو بدين ضلعي جي مختلف شھرن بدين گولاڙچي، ڪڍڻ، نندو سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، احمد راجو، شادي لارج، کوسڪي، پنگريو، ملڪاڻي سميت ساحلي پٽي ۾ تيز ھوائن ۽ ڳڙي سان زوردار برسات جاري ڪيترائي ڪچا ڇپرا اڏامي ويا.