مقصودو رند(ن پ ا)  سنڌ جي ماڻھن کي پنھجي بقا جي جنگ وڙهڻي پوندي سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙو ڪنھن به صورت قبول نه آھي اھڙو اظھار قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو مقصودو رند ۾ سنڌ مشھور پورھيت ھاري اڳواڻ رسول بخش پليجي ۽ شھيد فاضل راهو جي ويجھن ساٿين ۾ شمار ٿيندڙ ڊاڪٽر عبدالرحمان رند جي 5 پنجين ورسي جي موقعي  تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا وڏيرا جاگيردار مير پير سنڌ لاء ناسور آھن جنھن مان سنڌي عوام کي جان ڇڏائڻي پوندي. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو بحران آھي شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي ناھي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي جنھن ڪري سنڌ جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي پيو، جيڪڏھن سنڌو مان ڪينال ڪڍيا ويا ته وڏي تباھي ايندي ماڻھو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا جڏھن ته سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي وڪڻيون پيون وڃن اقتدار خاطر پيپلزپارٽي وفاق سان گڏ آھي ۽ سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آھي سنڌي ماڻھو سجاڳ ٿين ۽ سنڌ جي مالڪي ڪن جلسي کان اڳ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان رند جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گھري وئي جڏھن ته سلطان پيٽرول پمپ کان حسيني چوڪ تائين سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينون وڪڻڻ خلاف احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويئي. تقريب کي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي سربراهه اڪبر خان جتوئي. ڪراچي ايڪشن ڪميٽي جي ڪنونر ادريس چانڊيو. حبيب جتوئي. صدام حسين کوسو. ايم ايس ڀرڳڙي. سائين ادريس بروھي. علي مردان ڀنگوار. ڏاڙھونءَ ۽ ٻين خطاب ڪيو.