سنڌ جي مادرعلمين ۾ ڪامورا وي سي مقرر ٿيندا: بل پيش: ڪراچي انٽر نتيجن لاءِ ڪاميٽي قائم

0
21
سنڌ جي مادرعلمين ۾ ڪامورا وي سي مقرر ٿيندا: بل پيش: ڪراچي انٽر نتيجن لاءِ ڪاميٽي قائم
سنڌ جي مادرعلمين ۾ ڪامورا وي سي مقرر ٿيندا: بل پيش: ڪراچي انٽر نتيجن لاءِ ڪاميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ڪراچي انٽربورڊ جي نتيجن جي جاچ لاءِ 7 رڪني پارلياماني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقرري بابت ترميمي بل پڻ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش، سوالن جوابن جي وقفي دوران پي ٽي آءِ جي حامي آزاد اميدوارن جو گوڙ، ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو ويو. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ مختلف ميمبرن پاران انٽر بورڊ جي نتيجن تي اٿاريل اعتراِضن بعد قانون ۽ گھرو کاتن واري وزير ضيا لنجار نتيجن جي جاچ  لاءِ تعليم واري وزير سردار شاھه جي سربراهي هيٺ 7 رُڪني پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڪاميٽي ۾ پيپلز پارٽي جي سعديه جاويد ۽ يوسف بلوچ، ايم ڪيو ايم جا عبدالوسيم ۽ طحه احمد، جماعت اسلامي جو محمد فاروق ۽ پي ٽي آءِ جو آزاد ميمبر شبير قريشي شامل هوندا. هن چيو ته ڪراچي انٽر بورڊ جي امتحاني نتيجن تي ايوان ۾ مختلف ميمبرن پاران اعتراض واريا ويا هئا. جنهن بعد سنڌ حڪومت پاران 7 رُڪني پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا شفاف جاچ ڪندي. هن چيو ته ڪوشش ڪبي ته بورڊن جا سٺا ۽ قابل چيئرمين مقرر هجن ته  جيئن نوجوانن جي مستقل جو بهتر فيصلو ٿي سگھي. اجلاس ۾ قانون واري وزير ضياالحسن لنجار يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري بابت قانون ۾ ترميم آڻڻ جو بل پيش ڪيو ويو، ضيالنجار چيو ته ڄاڻايل بِل منظور ٿيڻ بعد گريڊ 21 جي سرڪاري آفيسر کي به وائيس چانسلر مقرر ڪري سگهجي ٿو. پينل آف چيئرمين  ريحانه لغاري بل کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اجلاس ۾ لياري جنرل اسپتال جي خراب حالت بابت سجاد حسين سومرو جي ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس جو جواب ڏيندي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته اسپتال جي بهتري لاءِ چونڊيل ميمبرن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويندي. صحت واري صوبائي وزير ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته لياري جنرل اسپتال ۾ بلوچستان ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن جا مريض اچن ٿا، اسان کي اسپتال جي صفائي ۽ سيڪيورٽي لاءِ آئوٽ سروس ڪرڻ گھرجي، جيڪڏهن ميمبر اسپتال ۾ هراسان ۽ بدتميزي ڪندڙ عملي جا نالا ڏنا ويندا ته انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ايم پي اي فرح جي رلو ڪتن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پارليامينٽري سيڪريٽري قاسم سومرو چيو ته 2022ع کانپوءِ هڪ آفيس ٺهيل آهي ايپليڪيشن به ٺهي آهي،  جتي رولو ڪتا هجن، انهن جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي، هن وقت ڪراچي جي پنج ضلعن ۾ آفيسون آهن عملو آهي، عملي پاران هزارين ڪتن کي نيوٽرل ( خصي) ڪيو ويو آهي، هن چيو ته  اينٽي ريبيز ويڪسين ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ موجود آهي.ايم ڪيو ايم ميمبر صابر قائمخاني جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو چيو ته گلستان سرمست  جي مختلف سيڪٽر ز۾ سوين الاٽيز کي گهر ملي چڪا آهن، اتي واٽر سپلاءِ ۽ روڊ انفرا اسٽرڪچر جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.