ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي مادرعلمين ۾ ڪامورا به وائيس چانسلر ٿي سگهندا، پرڳڻي ۾ فوتي ڪوٽا تي نوڪريون ختم: آءِ بي اي سکر جا گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين لاءِ ٽيسٽ وٺڻ جا اختيار بحال ٿي ويا، ڪالهه وزيراعليٰ مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي پرڳڻي جي تعليمي بورڊن جي مسئلن ۽ خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ بورڊز آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن آرڊيننس 1972ع ۾ ڪجهه ترميمون تجويز ڪيون. جنهن تي ڪابينا تعليم واري وزير سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشون پيش ڪندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بورڊن ۾ مقررين لاءِ اشتهار جي موٽ ۾ وڏي انگ ۾ درخواستون مليون آهن. چيئرمينن لاءِ 300، سيڪريٽريز لاءِ 119، امتحاني ڪنٽرولر لاءِ 140 ۽ آڊٽ آفيسرن لاءِ 69 درخواستون مليون آهن. شفافيت ۽ ميرٽ تي مقررين کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن پاران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سرچ ڪاميٽي ذريعي اميدوارن جا انٽرويو وٺي، انهي ڪاميٽي ۾ وڏو وزير ٻه ماهر شامل ڪندو. اجلاس ۾ مادرعلمين ۾ وي سيز جي مقرري جو طريقيڪار پڻ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنرل يونيورسٽين جي وي سيز لاءِمڪمل پروفيسر يا ماسٽر ڊگري سان پبلڪ سيڪٽر ۾ گريڊ 21 ۾ ڪم ڪرڻ جو 4 سال جو تجربو شامل آهي، لاڳاپيل فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي کي ترجيح ڏني ويندي، وي سي جي مقرري 4 سالن لاءِ هوندي، جنهن ۾ وڌيڪ هڪ مدي لاءِ واڌ ڪئي ويندي. درخواست ڏيندڙن جي وڌ ۾ وڌ عمر 62 سال مقرر ڪئي وئي. آهي انجنيئرنگ يونيورسٽين جي وي سيز کي انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ايڇ اي سي جي پروفيسر جي معيار تي پورو لهڻ گهرجي. ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ وي سي اميدوار ايم بي بي ايس ۽ ماسٽرز سان گڏ پوسٽ گريجوئيٽ فيلوشپ يا پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرز ڪيل سينيئر پبلڪ سيڪٽر ايڊمنسٽريٽر (BPS-21+) هجڻ گهرجي. قانون جي يونيورسٽين ۾ وي سي اميدوارن جي ايل ايل ايم يا هڪ تعليمي يا عدالتي پيشه ورانه طور تي برابري جي قابليت گهربل آهي. قانون جي يونيورسٽين ۾ وي سي اميدوارن لاءِ ايل ايل ايم يا برابر جي قابليت تعليمي ماهر يا عدالتي پروفيشنل هجڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. آءِ بي اي يونيورسٽين جي وي سي کي لاڳاپيل فيلڊ ۾ ماسٽرز، پي ايڇ ڊي قابل پروفيسر يا سينيئر ايڊمنسٽريٽر (BPS-21+) جي ضرورت پوندي. زرعي ۽ وٽرنري يونيورسٽين لاءِ وٽرنري/اينيمل سائنسز ۾ پي ايڇ ڊي سان پروفيسر يا لاڳاپيل ڊگرين سان گڏ اعليٰ انتظامي قابليت رکندڙ آفسر (BPS-21+) جو هجڻ ضروري آھي. ان معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، منظور ٿيل مسودو قانون سازي لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو. ڪابينا اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ 26 سيپٽمبر 2024 تي هڪ حڪم ذريعي سنڌ سول سرونٽس (تقرري، پروموشن ۽ بدلي) ضابطن جي رولز 1974 جي رول اي 11 تحت فوتي ڪوٽا تحت ڀرتين سان امتيازي سلوڪ ۽ آرٽيڪل 3، 4، 5 (2)، 18، 25 (1) ۽ 27 خلاف قرار ڏنو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي نظر ۾ رکندي ڪابينا سنڌ سول سرونٽس (اپائنٽمينٽ، پروموشن اينڊ ٽرانسفر) رولز 1974ع مان رول اي 11 ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت ۽ آءِ بي اي سکر وچ ۾ 25 فيبروري 2021 تي سمورن صوبائي کاتن ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين لاءِ جنرل اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت نامي تي صحيحون ٿيون هيون، اهو معاهدو 25 فيبروري 2024ع تي ختم ٿي چڪو آهي. ڪابينا سمورن کاتن ۾ 5 کان 15 تائين جي ڀرتين لاءِ جنرل اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ سکر آءِ بي اي سان ايم او يو جي تجديد جي منظوري ڏئي ڇڏي .