ڦل (ن پ ا) سنڌ جي يگاني بي تاج بادشاھه فنڪار مرحوم جلال چانڊيو کي وڇڙيئي 24 سال لنگهي ويا سندس جو آواز نه رڳو لکين دلين تي راڄ ڪري ٿو پر سندس جو آواز اڄ به جھرجھنگ ۾ گونجي ٿو پر افسوس سندس سان ثقافت کاتي وفا نه ڪئي جنهن ھن سال به پنھنجي روايت برقرار رکندي سرڪاري سطح تي ڪا به ورسي تقريب نه رکي وئي جڏھن ته ھر سال جيان ھن سال به سندس وارثن ۽ سگا شاخ ڦل طرفان 24 ھين ورسي تي سندس آخري آرام گاه تي سندس مزار تي چادر چاڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي سندس فرزندن راڳي قلندر جلال چانڊيو، راڳي دلبر جلال چانڊيو، معشوق جلال چانڊيو ۽ نادر جلال ۽ سگا اڳواڻ سگا مرڪز جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پروفيسر بخش علي چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 10 جنوري تي بابا کي اسان کان وڇڙيئي 24 سال گذري ويا آھن پر ثقافت کاتي طرفان بابا جي ھن مھل تائين ڪا به سرڪاري سطح تي ورسي تقريب نه ڪوٺائي آھي نه ئي اسان کي ڪڏھن ياد ڪيو آھي.