سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ محبت اهلبيت ۽ عزاداريءَ جي پيغام جي ابتدا جلواه گاهه امامين آهي. جتان لاڙ پڇاڙ جي پوٺن تائين عزاداريءَ جو پيغام پهتو. سنڌ جي جن خطن ۾ عزاداري سڀ کان اڳ پهتي هئي، انهن ۾ لاڙ جو ذڪر سڀ کان مٿانهون آهي. کنڊ جي گھڻن هنڌن تي مذهبِ اهلبيت جي پرچار ٺٽي کان پهتي هئي. تنهنڪري ساحلي پٽي ڪيٽي بندر کان بدين جي قديم شهر ڪڍڻ تائين اوهانکي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڀرپور عزاداريءَ جا هزارين ثبوت ملندا. هي پَٽ عزاداريءَ جي حوالي کان نمايان رهيو آهي. هن پٽ جا شهر ٺٽو، مڪلي، ميرپور بٺورو، جھرڪ، چوهڙ جمالي، جاتي، گهارو، گجو، گھوڙا ٻاري، سخي شاهه ڏاتار، بڪار، ميرپور ساڪرو، دڙو، سجاول ۽ لڳ لغارين جون قديم وسنديون پهرين محرم الحرام کان اٺين ربيع الاول تائين مجلس عزائن، ماتمي جلوسن، ذوالجناح، سبيلن ۽ سياه پوشيءَ سان سنڌ جي ٻين علائقن جيان ٽمٽار هونديون آهن.
بدين جو بنياد ۽ عزاداريءَ جي اوسر
سنڌ جي هيٺانهين حصي لاڙ، جي ضلعي بدين جي بنياد بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ‘لاڙ جا ماڳ مڪان’ ۾ لکي ٿو: “بدين ضلعي جي قديم آثارن ۾ بدين جو شهر، هن موجوده شهر کان ڪجهه فاصلي تي ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري جي قريب هو، پر زلزلن ڪري سمنڊ ڪافي پري هٽي ويو آهي”.
لاڙ شروع کان عزاداريءَ جي حوالي کان سڄي سنڌ ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو. لاڙ جي عزاداريءَ جي رنگ پنهنجو رهيو آهي. بدين، نندو شهر، ڪـڍڻ، تلهار، ٽندو باگو، پهاڙ مري، ميرپور بٺورو ۽ جهرڪن ۾ گهڻو ڪري عزاداري ڪندڙ بنيادي ماڻهو خواجا اثنا عشري آهن، جيڪي اصل ۾ سڀئي اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ هئا، قائدِ اعظم محمد علي جناح به اسماعيلي خواجو هو، جيڪو پوءِ شيعا اثنا عشري ٿيو، ڪراچي جي خواجا اثنا عشري جماعت جو باقاعده ميمبر ٿيو، سندس نڪاح به شيعه فرقي جي عالم آقائي شريعت پڙهايو ۽ سندس جنازي نماز به شيعا عالم مصطفى جوهر پڙهائي، جيڪو علامه طالب حسين جوهري جو والد هو. اسماعيلي خواجا جيڪي آغا خان جا مقلد هئا، آغا خان کي وقت جو حاضر امام مڃيندا هئا (اڄ به سندن اهو ئي عقيدو آهي) ان فرقي جا ٻه حصا هئا، 1. پِڙائي (يعني پِڙ ڪڍڻ وارا) اهي هرسال محرم مهيني ۾ ڪاٺين جو مچ ٻاري ان تي حضرت امام حسين عه جي شهادت جي حوالي سان نوحا پڙهي ماتم ڪندا هئا. مولوين ۽ ذاڪرن جي اڻاٺ هوندي هئي، ننڍڙا ڪتابچا پڙهي امام حسين عه جي شهادت جو تذڪرو ڪيو ويندو هو، ان تي گريو به ٿيندو هو. 2 حصو خانائي سڏائيندو هو، جيڪو پِڙ نه ڪڍندو هو، ماتم يا ذڪرِ امام حسين (ع) نه ڪندا هئا، پڙائي به هئا ته آغائي پر پِڙن تي ڪربلا جي شهيدن جي ذڪر سبب انهن ۾ تحقيق جي جستجو پيدا ٿي، شهادتن جي تذڪري، ماتم ۽ گريي جي ڪري پِڙائي خواجن ۾ جذبهء مودت گهر ڪندو ويو، ايستائين جو انهن ۾ 5 ڄڻا اهڙا جاڳيا جيڪي ايترا پڙهيل به نه هئا، نه ئي ڪنهن شيعا عالم کان ڪي مناظري جا درس ورتل هئن، پر دل جي اندر جي اڌمن ۽ راهِ حق جي جستجو کين پنهنجي ان وقت جي عقيدي موجب حاضر امام سان مناظري لاءِ تيار ڪري ڇڏيو، جيڪا نظرياتي اختلاف جي آزادي، هن دئور ۾ به ورلي ملندي جو ڪو عام پيروڪار پنهنجي سياسي يا مذهبي رهبر سان بحث مباحثي يا مناظرو ڪرڻ جي هام هڻي ويهي رهي. انهن پنجن ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت ۽ شعلهء بيان خطيب ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جو پيءُ ۽ برک شاعر ۽ اديب شمشيرالحيدري جو نانو حاجي غلام علي خواجه (نندو شهر)، حاجي محمد جعفر ويساڻي (ميرپوربٺورو)، سيٺ ولي محمد گل محمد (ٽنڊوباگو)، مرحوم مولوي عبدالله (ميرپوربٺورو) ۽ سيٺ الله ورايو (راه مڪي بازار) شامل آهن، جن سن 1900 عيسوي ۾ پرنس صدرالدين سان مذهبي مناظري ۾ کانئس مطمئن نه ٿيڻ کانپوءِ آغاخاني فرقي کان آزاد ٿي، خواجا شيعا اثناعشري (ٻارهن امامي) سڏائڻ شروع ڪيو.
لاڙ جي هر شهر ۾ هن وقت وڏا وڏا امام بارگاه، مجلسون،عشره، ماتمي جلوس، مرثيه خوان شاعر، ذاڪر، مولوي مقرر ۽ مبلغ ان جا عيني گواه ۽ زنده ثبوت آهن. پر ان وقت جيئن ته لاڙ جي انهن شهرن يا لاڳاپيل ڳوٺن ۾ ڪوبه مجلسون پڙهندڙ ذاڪر يا مولوي نه هو، ڪچا رستا، غربت، لاعلمي رستي ۾ رنڊڪ هئا. ان وقت پهريون ذاڪر حاجي غلام علي خواجا جو پٽ غلام حسين هو، جنهن پنهنجو شاعريءَ جو تخلص “ملنگ” رکيو هو، پنجاب کان ذاڪريءَ جا ڪتاب گهرائي ڪتاب تان ڏسي مجلسون پڙهندو هو، سندس مجلسن ۾ ڏاڍو گريو ٿيندو هو. پاڻ بهترين شاعر هو، ۽ هن ڪيترائي مرثيا به لکيا آهن.
لاڙ جي عزاداريءَ جي مجلسن ۾ باقاعده برزبان پهريون مقرر حاجي غلام علي خواجا جو ٻيو پٽ نذير حسين حيدري هو جنهن جو مطالعو تمام وسيع ۽ هر مڪتبئه فڪر لاءِ هوندو هو، هن ڪيترا ئي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ سائنسي بنيادن تي علمي ڪتاب لکيا. اوائلي دور ۾ مجلسون پڙهندڙن جي اڻاٺ سبب نذير حسين حيدري عاشور جي رات گھوڙي يا اٺ تي چڙهي سڄي رات بدين، ڪڍڻ، تلهار۽ ٽنڊي باگي ۾ بنا معاوضي مجلسون پڙهندو فجر جو الوداعي مجلس اچي نندي شهر ۾ پڙهندو هو. سندس لکيل هڪ مرثيو:
گھايل ٿي ڪريو گهوڙي تان جنهن دم علي اڪبر عه
بابي ڏي ڪري منهن چيئين هينئن با دلِ مضطر
رس مون ڏي سگهو تون اچي اي سيدِ سرور
نيزي جي اڻي حال ڪيو آهي مون ابتر.
لاڙ جي عزاداريءَ جي مجلسن ۾ ۽ خاص ڪري حضرت علي اڪبر (ع) جي شهادت جي مجلسن ۾ ضرور پڙهيو ويندو آهي. ان کان پوءِ پنجاب ۽ اتر سنڌ کان ذاڪرن ۽ مولوين تبليغاتِ محمد و آلِ محمد صه جي حوالي کان لاڙ ڏانهن اچڻ شروع ڪيو، درس تدريس، تحقيق ۽ تحرير، بحث مباحثا، مڪالما ۽ مناظرا شروع ٿيا. لاڙ ۾ وڏا مرثيه ۽ نوحه خوان پيدا ٿيا، جن ۾ شمشيرالحيدري، ناصر علي خواجا، عبدالعلي خواجا، محسن خواجا، سائل آزاد، فتح علي حليم لغاري، نياز جتوئي، غلام محمد بيدم، قلب علي خواجا، لياقت پنجتني، غلام حسنين آزاد، عبدالله ڀرڳڙي، اشرف جعفري، شاعره نثار فاطمه، ڊاڪٽر مولا بخش جعفري ۽ مقررين ۾ مولانا غلام مهدي واگهريجي وارو، علامه حيدر علي جوادي کوسو (حاجي ساوڻ ماتلي وارو)، مولانا مراد علي حيدري، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، مولوي جعفر خواجا، مولانا مقداد علي جعفري، حاجي علي محمد ڪربلائي، ڊاڪٽر مختار حسين جعفري، ذاڪر مقبول خواجا، محمد قاسم خواجا، ذاڪر فدا حسين خواجا، مولانا جعفر حسين بادل، مولانا حيدر بخس لغاري، مولانا نقي کوسو، مولانا عابد حسين لغاري، ذاڪر مقصود حسين خواجا، سيد مظفر حسين، زهير حسين حيدري ۽ ٻيا ڪيترا ئي شامل آهن. هر شهر ۾ ڪيتريون ئي عورتون هن وقت بهترين خطابت ڪري زينبي پيغام پهچائڻ ۾ رڌل آهن.