ڪراچي: سنڌ جي آرڪيالاجيڪل سائيٽس کي سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزير خاطري ڪرائي آهي، نگران صوبائي وزير جنيد شاهه چيو ته سنڌ جي تعليم واري نگران وزير کي چيو آهي ته اسان جي نصاب ۾ قديمي آثارن، شاعرن، بزرگن ۽ اسان جي ثقافت بابت مضمون هجڻ گهرجن، هن مونکي زباني طور خاطري ڪرائي آهي ته اهي مضمون نصاب ۾ شامل ڪنداسين ته جيئن اسانجي ايندڙ نسل کي انهن جي ڄاڻ ملي سگهي.