اڳ قديم آثارن وارو کاتو وفاق وٽ هوندو هو. ان ڪري سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ۽ قديم آثار نظرانداز هجڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر هاڻي جيئن ته اهو کاتو صوبي وٽ آهي پر ان جي باوجود سنڌ جي قديم آثارن ڏانهن روش ۾ تبديلي محسوس نٿي ٿئي. تاريخي ماڳ مڪان ۽ قديم آثار نظرانداز ٿيل آهن. اُنهن جي تباهي جو تسلسل ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهيو آهي پر حيرت اها آهي ته سنڌ جي قديم آثارن وارو کاتو ان حوالي سان سنجيدگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌ جا قديم آثار تيزيءَ سان تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن، ان حوالي سان تازي خبر حيدرآباد جي تاريخي ڪچي قلعي جي حوالي سان آهي، جنهن جي ڀت ڪرڻ جي ڪري هڪ عورت فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. مڪي شاهه درگاهه وٽان قلعي جي ڀت ان وقت ڪري جڏهن زائرين جو وڏو تعداد درگاهه تي آيل هو. اوقاف کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، قلعو آرڪيالاجي کاتي جي ذميواري آهي. ڀت زبون هجڻ بابت اختيارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو.
دنيا جا ملڪ ۽ قومون پنهنجن تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن مڪانن ۽ قديم آثارن جي حفاظت اهڙي انداز سان ڪنديون آهن جو اُهي صدين کان ساڳي حالت ۾ قائم ۽ برقرار رهندا پيا اچن پر اسان وٽ انهن کي نظر انداز ڪرڻ واري روش انهن ماڳن ۽ مڪانن جي وجود لاءِ ڪئي خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ڏينهون ڏينهن اهي وجود وڃائيندا وڃن. اسان پنهنجي ورثي جي تحفظ جي حوالي سان ڪيترا سنجيده آهيون، ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، اسان وٽ ويجهي ماضيءَ جي تاريخ به محفوظ نه آهي. تاريخ جي شاهدي اهي قديم آثار ڏيندا آهن ۽ جڏهن اهي آثار ئي ختم ٿي وڃن ته باقي ڇا رهندو، اسان صرف نرگسيت پسند قوم آهيون ۽ عملي طرح سان ڪجهه به ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهيون. اسان ماضيءَ ۾ گم ۽ پناهه وٺندڙ آهيون پر عملي طور تي اسان ڪا بهتريءَ ڏانهن وک کڻڻ جي لاءِ ۽ انهن ماڳن مڪانن کي بچائڻ جي لاءِ تيار نه آهيون. انهن قديمي آثارن جي تحفظ جي حوالي سان اسان بنهه غير سنجيده آهيون. اسان آخر ڇا ڪيو آهي؟ مهين جي دڙي جا آثار به 1922ع ۾ اسان کي انگريز آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل ڳولهي ڏنا ۽ اسان ڇاتي تي هٿ هڻي رڳو اهو فخر ڪندا رهيا آهيون ته اسان ساڍا پنج هزار سال قديم تهذيب جا وارث آهيون. سنڌي الفابيٽ اسان کي 1853ع ۾ انگريزن ٺاهي ڏني. اها الفابيٽ هن وقت سنڌ ۾ مروج آهي، جنهن کي “سر ايلس واري صورتخطي” سڏجي ٿو. شاهه جو رسالو به اسان کي ٽرمپ جرمني مان ڇپرائي ڏنو، اسان پاڻ مرادو ڇا ڪيو آهي؟ اسان ته سنڌ جي تهذيب تي تحقيق ڪندڙ پرڏيهين سان به رويو سهي نه رکيو آهي. بنگالي آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار، جيڪو جوهي ويجهو کير ٿر جي پهاڙن ۾ تحقيق ڪري رهيو هو 1938ع ۾ ان محسن کي قتل ڪري ڇڏيو. اهو ڪم ڀلي ڏوهارين جو هجي پر داغ ته سنڌ تي لڳو. مهين جي دڙي جون مهرون چوري ٿي ويون پر اسان دل ۾ درد محسوس نه ڪيو. مهين شهر جي نڪ هئي جا ناچڻي، اها اڃان تائين انڊيا جي “قيدياڻي” بڻيل آهي. اسان اُن جو مجسمو واپس وٺي نه سگهيا آهيون. هن وقت قديم آثارن ۽ تاريخي ماڳن تي قبضا ٿي رهيا آهن. پر سرڪار ان حوالي سان سنجيدگي تيار نه آهي. ساڳي حالت ڪچي قلعي جي پڻ آهي، جنهن جي مرمت ۽ سار سنڀال جي ضرورت محسوس نٿي ڪئي وڃي. اُن جي ديوارن جي حالت بنهه خراب آهي. اوقاف کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، قلعي جي ديوار جي زبون حالي جي حوالي سان قديم آثارن واري کاتي کي آگاهي ڏنل هئي.
سنڌ جا قديم تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي ماڳ بچائڻ جي ضرورت آهي، اهي اسان جي تاريخ جا ناقابل ترديد شاهد آهن. انهن آثار جي سِر سِر ۽ هر پٿر ۾ تاريخ ساههَ کڻي ٿي. ان ڪري حيدرآباد واري ڪچي قلعي سميت تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن.