ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ساڃاهوندن سنڌ جي موجوده حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪئنالن کي سنڌ جي تهذيب جو قاتل قرار ڏنو آهي. ناليواري تاريخدان، شاعر ۽ دانشور يوسف شاهين سان سندس رهائشگاهه تي ناليواري دانشور پروفيسر اعجاز قريشي، دانشور ۽ سياستدان امان الله شيخ ۽ ليکڪ ۽ محقق مختيار احمد ملاح ملاقات ڪئي ۽ ساڻس سنڌ جي مجموعي صورتحال، تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي ڪچهري ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي نوجوانن جي سوچ، سوشل ميڊيا جي اثر، سنڌي ميڊيا جي صورتحال ۽ سياست تي تفصيلي ويچار ونڊيا ويا. اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سنڌ ۾ هن وقت نوجوان نسل سخت پريشان آهي، سنڌ جي معاشي ناڪابندي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر جي واڌ باوجود ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ صفا ڀڙڀانگ ٿي ويندي. اڳواڻن سنڌ جي زمينن تي قبضن جي به مذمت ڪئي. جڏهن ته يوسف شاهين کي سندس 86 هين سالگره جون مبارڪون ڏنيون ۽ کيس اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.