سکر: سنڌ اندر ننڍي عمر جي ٻارڙن سان جنسي تشدد جا واقعا ٻھراڙيءَ جي ڀيٽ ۾ شھرن ۾ وڌيڪ رپورٽ ٿيا، ڇوڪرين کان وڌيڪ ڇوڪرن کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو. ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاريءَ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کان وڌيڪ ڇوڪرن کي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو ويو، 199 ڇوڪرا ۽ 139 ڇوڪريون جنسي تشدد جو شڪار ٿيون. شھري علائقن ۾ 191 ۽ ٻھراڙي ۾ 147 ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائيءَ جا ڪيس رپورٽ ٿيا.