ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي عورتن سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن جي تعمير واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته نون ڪئنالن سان سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿيندي ۽ ماحول کي نقصان پهچندو. انتهاپسندي کي رد ڪندي چيو ويو ته اھڙن واقعن سان هڪ خاندان يا ڪجهه ماڻهو متاثر ناهن ٿيندا، انهن جا منفي اثر پوري سماج تي پوندا آهن، انتها پسندي روڪڻ لاءِ چونڊيل ايوانن کان وٺي تعليمي ادارن تائين سماج جا سڀ شعبا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌ وومين لائرز الائنس پاران پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ٻي سنڌ ناري ڏھاڙي کي خطاب ڪندي وومين الائنس جي سربراهه شازيه نظاماڻي چيو ته سنڌ جون عورتون مختلف ظلمن جو شڪار آهن، سنڌ ۾ غيرت جي نالي ۾ 379 عورتون قتل ڪيون ويون آهن، گھريلو تشدد، جنسي هراسمينٽ ۽ ٻين ظلمن کان متاثر ٿيندڙ عورتن جو انگ تمام گهڻو اهي، وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شيرين ناريجو چيو ته انتهاپسندي سماج کي ڪمزور ڪري رهي آهي، نيئن نسل کي انتهاپسندي کان بچائڻ لاءِ باشعور ماڻهو ۽ چونڊيل ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پ پ ايم پي اي ياسمين شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي معاملن تي مرد ميمبرن جو رويو مثبت هوندو آهي، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته سماج ۾ به عورتن بابت مردن جو مجموعي رويو بهتر ٿئي. ڪانفرنس ۾ ايڊووڪيٽ ماروي ڪلهوڙو سنڌ ۾ قتل ٿيل عورتن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته گھريلو تشدد جو شڪار هڪ عورت پرھ اعجاز، پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، تقريب ۾ مختلف سيشنز ٿيا، آخر ۾ نامياري فنڪاره ريشما پروين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هٿ جي هنرن ۽ ڪتابن جا اسٽال به لڳايا ويا هئا.