ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي يونيورسٽين ۾ جعلي ڊگرين تي ڀرتين وارو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي سميت سمورين يونيورسٽين کي پروفيسرن سميت سمورن ملازمن جون ڊگريون هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهوڪي
اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي سال 2017ع ۽ 2018ع توڙي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر نصرت شاهه ۽ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ثمرين حسين شريڪ ٿيا اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ آڊٽ پيراز تي اعتراض اٿاريو ته شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) کان ڊگرين جي تصديق ڪرائڻ بنا ڀرتيون ڪيون ويون آهن، جنهن تي ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته مادرعلمي ۾ فيڪلٽي جي ڀرتي کان اڳ ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس سميت ٻين ميڊيڪل جي ڊگرين جي تصديق پي ايم ڊي سي کان ڪرائي ويندي آهي، اسان پي ايم ڊي سيءَ کان تصديقي سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد ڀرتيون ڪيون هيون، هن ٻڌايو ته ڊگرين جي تصديق جي مرحلي ۾ هڪ ملازم جي ڊگري جي تصديق نه ٿي سگهي، جنهن کي نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو . پي اي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ سميت صوبي جي سمورين يونيورسٽين کي فيڪلٽي اسٽاف سميت سڀني ملازمن جون تعليمي ڊگريون هڪ مهيني اندر هيڪ کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سڀئي يونيورسٽيون هڪ مهيني ۾ ڊگرين جي تصديق ڪرائي پي اي سيءَ کي رپورٽ فراهم ڪن، هن چيو ته جنهن فيڪلٽي اسٽاف يا ملازم جي ڊگرين جي تصديق نه ٿيندي، انهي کي فارغ ڪيو وڃي. هن چيو ته يونيورسٽين سميت سرڪاري ادارن ۾ جعلي ڊگرين تي ڀرتيون برداشت نه ڪيون وينديون