ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾  سڀاڻي 5 آگسٽ جي صبح جو 8 وڳي کان سومر جي صبح جو 8 وڳي تائين سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي سپلاءَ بند رهندي، ان ڏس ۾ سوئي گيس ترجمان موجب گهريلو صارفين جي ضرورتن جي پورائي لاءِ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي 72 ڪلاڪ  بند رهندي، جڏهن ته جنرل انڊسٽريز ۽ ڪيپيٽو پاور پلانٽن کي به آچر 7 آگسٽ کان سومر 8 آگسٽ  تي صبح جو 8 وڳي تائين گيس جي فراهمي بند رهندي.