ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگرانوڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مڪاني ادارن، واٽر بورڊ ۽ غير قانوني اڏاوتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حافظ نعيم چيو ته نون چونڊيل مڪاني ادارن جو عبوري دور ختم ٿي چڪو آهي، انهي باوجود چونڊيل ادارن کي عوامي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ جا اختيار نه ڏنا ويا آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اهي صوبي جي مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيا آهن.  حافظ نعيم ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايت ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي چوري تي ضابطو ناهي آندو، جنهن  تي وڏي وزير چيو ته مون ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن سان ملاقات ڪري نظام کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. جماعت اسلامي جي وفد شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن جو معاملو اٿاريو. جنهن تي وڏي وزير کين ٻڌايو ته شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن  جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته شهرين کي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.