ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) تعليم واري نگران صوبائي وزير پاران سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جا ڪتاب ويئر هائوس (گدامن )تان ملڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل اختيارين خلاف سخت ڪاروائي جي هدايت، ڊي اي اوز کي روزانو جي بنياد تي اسڪولن جا دورا ڪري آن لائين پليٽ فارم تي مانيٽرنگ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت، ان حوالي سان ڪالهه تعليم واري نگران وزير رعنا حسين جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن، ڊي اِي اوز سميت لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي وئي. اجلاس دوران درسي ڪتابن جي ڇپائي، درست ڊيٽا سسٽم جي بهتري، وائبل اسڪول کولڻ کانپوءِ سهولتن جي فراهمي ۽ تعليم جي بهتري بابت قدم کڻڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ داخل شاگردن جو درست انگ پيش ڪيو وڃي، صحيح انگ اکر نه ملڻ سبب سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي فراهمي وارو معاملو حل ٿيڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته استادن جي نئين ڀرتين بعد ڪيترا اسڪول فعال ٿيا آهن، جڏهن ته داخلائن جي شرح ۾ به واڌ ٿي آهي. صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته ويئر ھائوس (گدامن ) ۾ ڪتاب موجود نه هئڻ گهرجن، ان ڏس ۾ شڪايت تي ڪارروائي ڪئي ويندي. نگران صوبائي پاران سمورن ضلعن جي ڊي اي اوز کي هدايت ڪئي وئي ته روزانو جي بنيادن تي اسڪولن جا دورا ڪري مانيٽرنگ رپورٽ مھيا ڪيل آن لائن پليٽ فارم تي پيش ڪن. هن چيو ته في الحال استاد به سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ويب سائيٽ تي موجود ڪتاب استعمال ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته تعليم جي ترقيءَ لاءِ جيترو ٿي سگهي، آن لائين طريقي سان مدد ورتي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي آهي، جنهن تي جلد عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته سرڪاري اسڪولن جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ بورڊ جا امتحان پاس ڪندڙ شاگردن جا نتيجا اسڪولن کان ٻاهر پڻ لڳايا وڃن ته جيئن والدين جو اعتماد بحال ٿي سگھي. صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته استادن کي بي ايڊ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٽيچرز لائسنسنگ پاليسي موجب صوبي ۾ ايندڙ وقت ۾ لائسنس رکندڙ استادن کي پڙهائڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته نان وائبل اسڪولن کي هڪ ئي ڏينهن ۾ وائبل بڻائي کولڻ جون شڪايتون آهن، استادن کي اهڙن اسڪولن ۾ نه موڪليو وڃي. صرف وائبل ۽ ضرورت مطابق اسڪولن ۾ استادن کي مقرر ڪري انهن کي سهولتون پڻ فراهم ڪيون وڃن.