ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي بار ايسوسيئيشن سنڌو درياءِ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف قانوني ويڙهه جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه هتي سٽي ڪورٽ ۾ جنرل باڊي ڪنوينشن کي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ, عاضم حسين مهيسر، نعيم قريشي، حيدر امام رضوي، جهانگير راهوجو، رزاق سولنگي، فريده مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءِ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي ناهي، انهي صورت ۾ 6 ڪئنال ڪيئن پيا ڪڍيا وڃن؟، مرڪز جي مداخلت جي هڪ آئيني حد هوندي آهي، وفاقي حڪومت سنڌوءَ مان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، وڪيل اڳواڻن چيو ته عمرڪوٽ، بدين ، خيرپور جي 52 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريتٽ ڪمپنين کي ڇو ڏني پئي وڃي؟ انهن جي ملڪ لاءِ ڪارڪردگي ڪهڙي آهي؟ ، اڳواڻن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ پاڻي ناهي، اسان سنڌين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، اسان کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڏني پئي وڃي؟ ڇهه ڪينال سنڌ خلاف سازش آهن، سنڌ سان نا انصافي خلاف وڪيل برادري هڪ پيج تي آهي.