سنڌ جي زمينن جا سودا ۽ نگران حڪومت جو مينڊيٽ

0
88
حڪمرانن جو راوي “سڀ سک چين” لکي ٿو!
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ جي نگران حڪومت، جنهن جو مينڊيٽ صرف شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻ آهي، اها غير نمائنده حڪومت سنڌ جي زمينن بابت معاهدا ڪري رهي آهي، جنهن جو ان کي اختيار ئي حاصل نه آهي. تازو سنڌ جي نگران حڪومت پنهنجن اختيارن جو اورانگهه ڪندي سنڌ جي ٿرپارڪر، دادو، سجاول ۽ بدين سميت ڇهن ضلعن جي 52 هزار، 737 ايڪڙ زمين نجي ڪمپنيءَ کي 20 سالن لاءِ ڏيڻ جو باقاعدي معاهدو ڪري ورتو آهي. معاهدي تحت ڪمپني پنهنجي نفعي جو 20 سيڪڙو علائقي ۾ تحقيق ۽ ترقي تي خرچ ڪندي. قانون واري وزير عمر سومري، ليفٽيننٽ جنرل شاهد نذير ۽ سڌ سماءَ واري نگران وزير احمد شاهه سان گڏجي وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ روينيو وارو وزير يونس ڍاگا پڻ موجود هو. پريس ڪانفرنس ۾ اهو چيو ويو ته زمين ملڪيت طور نه پر پوکيءَ لاءِ ڏني پئي وڃي. آبپاشي چئنلن تي ڀروسو ڪرڻ بدران ڪمپنيءَ کي پاڻيءَ جي وسيلن کي متبادل طريقي سان منظم ڪرڻو پوندو.

گذريل مُني صديءَ کان سنڌ سان جيڪو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي، ڄڻ سنڌ ڪو مفتوح علائقو هجي! ڪڏهن سنڌوءَ کي پنجوڙ وجهي قيد ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن سنڌ جا جبل ڪٽيا ۽ ڪوريا وڃن ٿا. پاڻيءَ کي ذيان قرار ڏيئي ڪوٽڙي کان هيٺ نه ڇڏي سنڌ جي ڊيلٽا کي تباهه ڪيو ويو آهي. سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ اڳتي ڌوڪيندو اچي ۽ اهو سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آهي ۽ اهو عمل جاري آهي. ٻئي طرف پنجاب جي صنعتن جو زهريلو پاڻي ڇڏي سنڌ جي زمينن کي ڌٻڻ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪڏهن سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ وڪڻڻ جون ڪوششون ٿين ٿيون ته ڪڏهن وري سنڌ جي زمين تي قبضا ڪرائي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڀوميءَ تي بي وطن بڻائڻ جي سِٽ سِٽي وڃي ٿي. سنڌ سان ٿيل تازي ناانصافي ان جي اڌ لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين نجي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪرڻ جو معاهدو آهي. جڏهن به سنڌ پنهنجن وسيلن جي وارثي جي ڳالهه ڪري ٿي ته اهو طعنو ڏنو وڃي ٿو ته سنڌي ماڻهو ترقيءَ جا دشمن آهن. ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به جٽادار ترقيءَ جي مخالفت ناهي ڪئي، پر اها ڪهڙي ترقي آهي، جو سنڌي ماڻهن جي پيرن هيٺان انهن جي ڌرتي کسڪائي وڃي؟ جڏهن اسان چئون ٿا ته زمين سنڌ جي آهي ته ان مان اسان جو مطلب سنڌ جو عوام آهي، نه ڪي سنڌ حڪومت. نگران حڪومت ته عوام جي چونڊيل ئي نه آهي، ان کي ڪهڙو ٿو حق پهچي ته اها ويهي سنڌ جي زمينن جا سودا ڪري؟! اهو نگران حڪومت جو مينڊيٽ ئي ڪونهي، ان جو ڪم صرف شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار جي امانت چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪرڻي آهي. نگران حڪومت سنڌ جون زمينون نجي ڪمپني حوالي ڪرڻ لاءِ جنهن تڪڙ جو مظاهرو ڪري رهي آهي، تنهن مان ڪئين شڪ شبها پيدا ٿين ٿا. ملڪ ۾ جيڪڏهن سائي انقلاب آڻڻ لاءِ حڪمران سنجيده آهن ته اهي زمينون بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن ۽ انهن کي زمين آباد ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏنا وڃن ته ان سان سنڌ جو هاري خوشحال ٿيندو. باقي نجي ڪمپني کي زمينون ڏيڻ سان سنڌ کي ڇا ملندو؟ منافعي جو 20 سيڪڙو؟ اهو به مقامي سطح تي تحقيق ۽ ترقيءَ لاءِ خرچ ٿيندو. هيستائين سنڌ ۾ تيل، گئس ۽ ونڊ پاور پراجيڪٽس سميت جيڪي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، انهن مقامي آباديءَ کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ ٿرڪول پراجيڪٽ مان ٿر کي ڪهڙو فائدو پهتو؟ ڪوهستان ۾ هلندڙ ونڊ پاور پراجيڪٽس وارن ته مقامي آباديءَ جي اچ وڃ جا گس بند ڪري ڇڏيا آهن. اڳ ۾ سنڌ سان ڪيل ڪهڙن واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪيو ويو آهي، جو هاڻي ٿيندو! نگران منترين جي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته، ڪمپني پاڻي وسيلن کي متبادل طريقن سان منظم ڪندي، ان جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا ان مان مراد شمسي توانائي ذريعي ٽيوب ويل هلائي پاڻي حاصل ڪرڻ آهي؟ برساتون گهٽ پوڻ جي ڪري جر ريچارج نٿو ٿئي، اهو پاڻي به ڪڍيو ويندو ته زير زمين پاڻي جي سطح ڪٿي وڃي پهچندي؟ اڳ ۾ ئي ٿر ۾ ته کوهه سڪي ويا آهن ۽ سوين فوٽن تي پاڻي مس ملي ٿو. هڪ ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو دريائي پاڻي نٿو ملي، مٿان وري جر جي پاڻيءَ سان به ساڳي ڪار ڪئي ويندي ته سنڌ بُٺ ۽ بنجر بڻجي ويندي. ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ باوجود سنڌ کي ڇا ملندو؟

اسان کي حيرت ته سنڌ جي قانون واري نگران وزير عمر سومري تي آهي، جنهن ڪجهه وقت پهرين سنڌ جي زمين نجي ڪمپنيءَ کي ڏيڻ جي ترديد ڪئي هئي ۽ سنڌ جي مفادن جي تحفظ جو پاڻ کي وڏو چئمپيئن ظاهر ڪيو هو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جا مفاد مقدم هجڻ گهرجن، اقتدار اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. هونئن به شهيد الله بخش سومري جي گهراڻي تي سنڌ جي ميار ته ٺهي ٿي. سنڌ جي نگران، غير نمائنده حڪومت ان جي مجاز ئي نه آهي ته اها اهڙا معاهدا ڪري، جن جو کيس مينڊيٽ ئي حاصل نه آهي.