ڳاڙهو (ن پ ا) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، علي محمد ڪلمتي، گهنور خان زئور، مٺا خان لاشاري، ايوب انڙ، اسلم سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي وفد ڳاڙهو، ٻگهاڻ، گهوڙاٻاري سميت ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شهر ۾ اعلانيل ريلي جون دعوتون ڏنيون. ڳاڙهو پريس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا ۽ پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙا سنڌي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جهڙا مسئلا آهن. عالمي قوتون فلسطنين جيان سنڌين کان ڌرتي ڦري سنڌ ۾ نئون اسرائيل قائم ڪرڻ چاهين ٿيون. ٺٽي، ڪراچي، سجاول۽ بدين جي سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون ٻين ملڪن کي ڏنيون پيون وڃن. ڪينجهر، هاليجي ڌنڌن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تياري ٿي چڪي آهي. سنڌ جي زمين تي قبضن، وسيلن جي نيلامي، پاڻي تي ڌاڙن، ڌاڙي آبادڪاري ۽ سرداري سرپرستي ۾ قائم ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شهر ۾ عظيم الشان احتجاجي مارچ ڪيو ويندو جنهن ۾  سمورن سنڌ جي گهڻگهرن کي شرڪت جو سڏ ڏيون ٿا.