سنڌ جي زرعي معيشت ۽ سپورٽ پرائيس پاليسي: هڪ جائزو، چئلينجز ۽ امڪاني حل

0
22
سنڌ جي زرعي معيشت ۽ سپورٽ پرائيس پاليسي: هڪ جائزو، چئلينجز ۽ امڪاني حل

 سنڌ جي زراعت هزارين ورهين کان تاريخ، تمدن ۽ ثقافت جو اڻٽٽ حصو رهي آهي. هتي جي زرخيز زمين، پراڻو آبپاشي نظام ۽ هارين جي محنت هن خطي کي هميشه زرعي طور نمايان بڻايو آهي. سنڌ ۾ زراعت صرف روزگار يا خوراڪ جو ذريعو نه، بلڪه سنڌ جي ثقافت، تاريخ، معيشت، ماڻهن جي سڃاڻپ، سماجي ڍانچي ۽ زندگيءَ جي بقا سان جڙيل آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ “سپورٽ پرائيس” يا سرڪاري امدادي قيمتون، هارين جي معاشي بهتري سان گڏ ملڪي خوراڪ جي تحفظ، ڳوٺاڻي ترقي ۽ معاشرتي استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.سپورٽ پرائيس جو تصور مارڪيٽ جي لاھن چاڙهن، موسمي خطرن، ۽ پيداواري خرچن جي واڌ جي حوالي سان هارين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ متعارف ٿيو. جڏهن زرعي پاليسين ۾ اهڙي قيمت مقرر ڪئي وڃي، جيڪا هاريءَ لاءِ ڀروسي جوڳي هجي، ته اها نه فقط پيداوار جي واڌاري جو سبب بڻجي ٿي، پر زرعي شعبي ۾ اعتماد، سيڙپڪاري ۽ استحڪام به آڻي ٿي.

                 سنڌ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، چانور، ڪپهه ۽ ساريون نه صرف خوراڪ ۽ ڪارخانن لاءِ خام مال جون مقامي ضرورتون پوريون ڪن ٿيون، پر برآمدات جو وڏو ذريعو پڻ آهن. ان هوندي به، هاري دلالن، دير سان ادائيگين، خريداري مرڪزن تي ناانصافين، ۽ پاڻي جي کوٽ جهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو. ان تناظر ۾، اهڙين زرعي پاليسين جي ضرورت آهي، جيڪي رڳو قيمتون مقرر نه ڪن، پر انهن تي شفاف، بروقت ۽ اثرائتي عملداري به يقيني بڻائين. ان لاءِ سپورٽ پرائيس پاليسين جو تاريخي جائزو وٺڻ، انهن جي اثرن کي سمجهڻ ۽ مقامي حالتن موجب پاليسين کي بهتر بڻائڻ، سنڌ جي زرعي مستقبل لاءِ اڻٽر آهي.

سپورٽ پرائيس حڪومتون زرعي پيداوار جي مارڪيٽ ۾ توازن آڻڻ، هارين جي آمدني بچائڻ ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ استعمال ڪن ٿيون. تاريخي طور، ان جو تصور ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا ۽ يورپ ۾ متعارف ٿيو، جتي “Agricultural Adjustment Act” ۽ “Common Agricultural Policy”  ذريعي هارين لاءِ گارنٽي قيمتون مقرر ڪيون ويون. ان جو مقصد زرعي شعبي ۾ بيچيني روڪڻ ۽ غذائي پيداوار جو تسلسل برقرار رکڻ هو. بين الاقوامي سطح تي FAO، ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙا ادارا سپورٽ پرائيس پاليسين کي ترقي پذير ملڪن لاءِ ضروري سمجھن ٿا، جتي هاري مارڪيٽ جي اُٿل پُٿل کان متاثر ٿين ٿا. ڀارت، چين ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪڻڪ، ڪپهه، چانورن، کنڊ ۽ ٻين فصلن لاءِ منيمم سپورٽ پرائيس (MSP) مقرر ڪئي وڃي ٿي ته جيئن هارين کي سندن محنت جو مناسب معاوضو ملي. جيتوڻيڪ، جديد دور ۾ ڪجه نقاد ان تي اعتراض ڪن ٿا ته (تازو آئي ايم ايف طرفان پاڪستان کي به امدادي قيمتون مقرر نه ڪرڻ جو چيو ويو آهي جنھن سبب سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي)، سپورٽ پرائيس مارڪيٽ جي فطري نظام ۾ مداخلت ڪري ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ پيداوار ٿيڻ ڪري وسيلن جي ضايع ٿيڻ جو خطرو وڌائي ٿي.

سپورٽ پرائيس: هڪ پاليسي اوزار

سپورٽ پرائيس جو بنيادي مقصد هارين کي اهڙي ضمانتي قيمت مهيا ڪرڻ آهي، جيڪا موسمي خطري، عالمي مارڪيٽ جي ڇڪتاڻ ۽ پيداوار جي وڌندڙ خرچن جي باوجود سندن محنت جو مناسب معاوضو ڏئي سگهي. پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ، خاص طور سنڌ ۾، جتي لکين ماڻهو زراعت تي دارومدار رکن ٿا، اهڙي پاليسيءَ جو هجڻ معاشي استحڪام ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهو يقيني بڻائڻ به ضروري آهي ته اهڙيون پاليسيون صرف مارڪيٽ جي اشاري تي نه، پر ماحولياتي تحفظ، غذائي سلامتي ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ کي نظر ۾ رکي جوڙيون وڃن. جيتري قدر پاليسي متوازن هوندي، اوتري ئي اها زرعي پيداوار وڌائڻ سان گڏ معاشي استحڪام جو ذريعو بڻجندي.

تاريخي تسلسل ۽ موجوده حالتون

سنڌ جي زراعت جي تاريخي جائزي مان ظاهر ٿئي ٿو ته زرعي پاليسين، خاص طور تي امدادي قيمتن جو واسطو صرف معاشي ضرورتن سان نه، پر سياسي حڪمت عملين، آبي وسيلن جي ورڇ ۽ هارين جي سماجي حيثيت سان به آهي. برطانوي دور ۾ آبپاشي جي وڌايل نظام، جيئن نصرت ڪئنال (1923ع)، سنڌ جي ڪڻڪ جي پيداوار کي نئين سر ترتيب ڏنو، جيڪا هاڻ سنڌ صوبي ۾ لڳ ڀڳ 25 لک ايڪڙن تي پوکي وڃي ٿي. ڪڻڪ سان گڏ، ڪمند، ڦٽي ۽ چانور به سنڌ جي زرعي معيشت جا اهم فصل آهن. ڪمند لاءِ 2019 کان 2024 تائين سرڪاري اگهه 182 رپين کان وڌي 302 رپيا في مڻ تائين پهتو، پر خريداريءَ ۾ دير، ادائگيءَ ۾ رنڊڪون ۽ شوگر ملن جي روَئيي سبب هاري تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڦٽي  ۽ سارين جي آبادگارن جي جي حوالي سان ته صورتحال وڌيڪ نازڪ آهي، جتي سرڪاري اگهه جو تصور ئي نه هجڻ برابر آهي، ۽ هاري واپارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنا ويا آهن.

سنڌ جي زرعي سماج، تهذيبي ورثي ۽ معاشي ڍانچي ۾ ڪڻڪ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. زرعي نظام روزگار، خوراڪ ۽ آمدنيءَ سان گڏ هاري جي سڃاڻپ ۽ سنڌ جي ثقافتي زندگيءَ جو به مرڪز رهيو آهي. ڪڻڪ نه فقط روزاني خوراڪ آهي، پر سنڌي سماج جي ثقافتي ۽ معاشي ڍانچي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 25 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکي وڃي ٿي، جيڪا نه فقط خوراڪ جي خودڪفالت لاءِ اهم آهي، پر هزارين هارين، آبادگارن ۽ زرعي مزدورن جي روزگار جو به ذريعو آهي.  اهڙي پسمنظر ۾، ڪڻڪ لاءِ مقرر ڪيل امدادي قيمت، يعني “سپورٽ پرائيس”، تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري وئي آهي. حڪومت پاران مقرر ڪيل امدادي قيمت هارين لاءِ مارڪيٽ جي غيريقيني، قيمتن جي ڇڪتاڻ ۽ موسمي خطرن کان تحفظ جو وسيلو بڻجي ٿي.

2023-24ع ۾ حڪومت 4000 رپيا في 40 ڪلوگرام امدادي قيمت مقرر ڪئي، ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداريءَ جو هدف 9 لک ميٽرڪ ٽن رکيو ويو، پر عملاً صرف 6.43 لک ٽن خريد ڪئي وئي، جيڪا پاليسين جي ناڪاميءَ جي عڪاسي ڪري ٿي. جيتوڻيڪ سرڪاري اعلانن تي ھميشه وانگر عمل نه ٿيو ۽ ھاري اعلانيل امدادي اگھ جي برعڪس 2500 کان 2900 رپيا في مڻ بمشڪل ڪڻڪ کپائي. ھينئر به سنڌ ۾ ڪڻڪ جي سرڪاري اگھ جي اعلان نه ٿيڻ سبب ھاري وڏين مشڪلاتن جو شڪار آھن. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته 2200 کان 2800 رپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي.

هارين جا مسئلا ۽ ادارن جي ناڪامي

هارين جون مشڪلاتون صرف اگهه تائين محدود نه آهن، پر ان جي عملدرآمد، وقت سر ادائيگين، ۽ خريداريءَ جي شفافيت سان به ڳنڍيل آهن. ان سان گڏ، مارڪيٽن تائين محدود پھچ، دلالن جي ھڪ ھٽي، ۽ خريداري مرڪزن تي بيقاعدگيون زرعي پاليسين تي سنگين سوال اٿارين ٿيون. ھاري ڪڻڪ جي پوکي تي في ايڪڙ صرف ڀاڻ جو خرچ 22 هزار رپين کان وڌ آهي، جڏهن ته ٻيا خرچ ان کان علاوه آهن. زمين جي تياري، پوکي، لاباري ۽ ڪٽائيءَ لاءِ وڌندڙ خرچ، مهانگائي ۽ مزدورن جي کوٽ، ڪڻڪ جي في ايڪڙ لاڳت 70 هزار کان 90 هزار رپين تائين وڌي ويا آهن. اهڙي پسمنظر ۾، ڪڻڪ کي “گهٽ منافعي وارو فصل” بڻائڻ، هارين لاءِ ناانصافي ٿيندي.

زرعي پاليسين ۾ سياسي مداخلتون

پاڪستان جي سياسي معاشيات ۾ زميندار طاقتور ووٽر گروپ طور ڪم ڪن ٿا، انڪري سپورٽ پرائيس جا اعلان سياسي رنگ اختيار ڪري وڃن ٿا. سنڌ ۾ زمين جي ورهاست ۾ اڻبرابري واضح آهي، جتي 60 سيڪڙو زمين رڳو 19 سيڪڙو زميندارن وٽ آهي، جڏهن ته 81 سيڪڙو هاري 5 کان 10 ايڪڙ تائين زمين جا مالڪ آهن يا بي زمين هجڻ سبب ٻين جي زمين تي هارپو ڪن ٿا. اهڙي ناانصافي واري ڍانچي ۾ امدادي پاليسين جو اصل فائدو عام هاريءَ تائين نٿو پهچي.

عالمي رجحان، تنقيد ۽ واعدا

سپورٽ پرائيس پاليسين تي عالمي ادارا جهڙوڪ WTO ۽ IMF تنقيد ڪندا رهيا آهن، جن جو موقف آهي ته اهڙيون پاليسيون مارڪيٽ جي سگنلن کي بگاڙي ڇڏين ٿيون، پيداوار جي حد کان وڌيڪ واڌ ۽ سرڪاري ذخيرن جي اڻ وڻندڙ صورتحال جو سبب بڻجن ٿيون. يورپين يونين پڻ اهڙين پاليسين کان پاسو ڪري، سڌي آمدني ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ليڪن غريب ملڪن جا ھاري امدادي قيمتن جي خاتمي جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. هندستان جي مثال مان سمجهي سگهجي ٿو ته جڏهن حڪومت زرعي اگهن ۾ قانوني ڦيرڦار آندي، ته هارين ڇهن مهينن کان وڌيڪ ڊگھي عرصي تائين تحريڪ هلائي. اها صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته زراعت سان لاڳاپيل فيصلا صرف اقتصادي نه، پر وجودي نوعيت جا به ٿيندا آهن.

متبادل پاليسيون ۽ تجويزون

سنڌ لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جامع، ماحول دوست ۽ هاري دوست زرعي پاليسيون جوڙيون وڃن، جيڪي صرف امدادي قيمتن تائين محدود نه هجن، پر جديد ٽيڪنالاجي، موسمي خطري جي روڪ، ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي به شامل ڪن. “پريسيزن ايگريڪلچر” ۽ “ڪلائيميٽ سمارٽ فارمنگ” جهڙا طريقا زرعي پيداوار، وسيلن جي بچت ۽ ماحول مطابقت لاءِ اهم آهن.

زرعي واڌاري لاءِ تحقيق، تعليم، ۽ هارين جي تربيت کي بھتر ڪرڻ، سستا ۽ معيار وارا ٻج، ڀاڻ، پاڻي ۽ مارڪيٽن تائين آسان پھچ ضروري آهي. جيڪڏهن هارين کي فصلن جو مناسب اگهه، وقت سر ادائيگي ۽ ضروري سهولتون نه ملنديون ته هو پوکائي کان هٿ کڻي سگهن ٿا، جنهن جا ناڪاري اثر قومي پيداوار ۽ خوراڪ جي سلامتي تي پوندا. تنهنڪري، زرعي پاليسين جي نئين سر ترتيب ضروري آهي، جيڪا مقامي حالتن، عالمي رجحانن ۽ وسيلن کي نظر ۾ رکي جوڙي وڃي. “سپورٽ پرائيس” جو نظام موثر، شفاف ۽ هاري دوست بڻايو وڃي، خاص ڪري ڪڻڪ، ڪمند، چانور ۽ ڦٽي لاءِ. ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته:

* سپورٽ پرائيس تي موثر عمل لاءِ ڊجيٽل نظام لاڳو ڪري.

* هارين لاءِ دلالن کان پاڪ منڊي، خريداري مرڪزن تائين پھچ، ۽ وقت سر ادائيگي يقيني بڻائي.

* ڀاڻ، ٻج، دوا، پاڻي تي سبسڊي ۽ آسان قرض/انشورنس اسڪيمون مهيا ڪري.

* موسمي تبديليءَ سان موافق فصلن لاءِ تربيت ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪري.

* زمين جي ورهاست، بي زمين هارين جي حقن، ۽ آبي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي پاليسين ۾ شامل ڪري.

آخر ۾، زرعي پاليسين کي اهڙو ماڊل بڻائڻ گهرجي، جيڪو مارڪيٽ، ماحول ۽ هاري جي ڀلائي جي وچ ۾ توازن قائم ڪري.