سنڌ جي زراعت تي ڪير ڌيان ڏيندو؟

0
38
سنڌ جي زراعت تي ڪير ڌيان ڏيندو؟

  زراعت ملڪ جي معيشت کي بھتر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي، اسانجو ملڪ زرعي طور سڃاتو وڃي ٿو، ھتي ھر فصل ٿئي ٿو ۽ ھر قسم جو فروٽ، کجيون، انب،زيتون، نارنگيون، ڪيلا، صوف، توت، انگور، چيڪون، ڏاڙھون، اسٽابيري وغيره ۽ سبزيون ڀاڄيون ٿين ٿيون. ان سان گڏ سنڌ ۾ گئس تيل ڪوئلو ۽ ٻيا قدرتي وسيلا موجود آھن. سنڌ قدرتي وسيلن سان گڏ زراعت سان به مالا مال آھي سنڌ سرسبز خوشحال آھي  پر سنڌ جي زراعت تي ڌيان نه آھي،  برسات ۾ ھڪ ته بيٺل ڪيش فصل Cash Crop ڪپھه جو فصل تباھ  برباد ٿي ويو ٻيو وري يوسين جي سليڪشن ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جو ھر ڳوٺ واھڻ وستيون شھرن ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي ھئي. خيرپور ضلعي ۾ ته وونئڻن جي فصل سان گڏ کجين جا باغ به تباھه ٿي ويا. تعلقي ڪوٽڏيجي م يوسي علي محمد ماڇي کي رھايو ويو آھي، سوال اھو آھي ڇا ھتي زمين نه آھي ڇا ھتي غريب ماڻھو آبادگار نه ٿا رھن پر خبر نه آھي آخر ھن يوسي سان ڪھڙي دشمني آھي جو  زرعي سھولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن. سنڌ حڪومت زراعت ۾ بھترين قدم کڻي رھي آھي ته ٻج ڀاڻ آبادگارن کي ڏنو ويندو ۽ غريبن ماڻھن کي گھر ٺھرائي ڏنا ويندا پر جنھن رفتار سان ڪم ھلي رھيو آھي اھا رفتار سسست آھي. ھن وقت ڪڻڪ پوکائي جي موسم آھي ۽ ڪافي آبادگارن ھارين ٻج ڀاڻ واپارين کان وياج تي وٺي پوکائي ڪئي آھي ۽ ڪجھه وري سرڪار جي سھائتا جي انتظار م آھن. ٻيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن دفعي   سيڪڙو 50 به مس ڪڻڪ جي پوکائي ٿي سگھندي ان جو ھڪ سبب ته آبادگارن وٽ ايتري سگھه طاقت نه آھي ته اھي پوکائي ڪري سگھن ٻيو ته اڃان زمينن ۾ برسات جو پاڻي بيٺو آھي. سنڌ سرڪار کي ھر يوسي کي برابري جي بنياد تي ٻج ڀاڻ ۽ آبادگارن کي سھولتون ڏيڻ گھرجن. خاص ڪري آبادگارن جا زرعي قرض به معاف ڪرڻ گھرجن. زراعت جو ملڪ جي معيشت ۾ 25 سيڪڙو حصو آھي ۽ ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. جيئن پنجاب ۽ ٻين صوبن جي آبادگارن کي سھولتون آھن ائڌيئن سنڌ جي آبادگارن کي به سھولتون ڏنيون وڃن.ھن وقت ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل سبزيون پوکڻ جي مناسب ۽ صحيح موسم آھي جيڪڏهن اڃان سرڪار طرفان ٻج ڀاڻ ورھائڻ ۾ دير ٿيندي ته اھو فصل گھڻي پيداوار نه ڏيندو. ھن وقت ئي سرڪاري ان جو مڻ 4 ھزار آھي جيڪڏهن پوکائي گھٽ ٿيندي يا اپت پيداوار گھٽ ٿيندي ته غريب مزدور آبادگار ڪٿان پنھنجو گذر سفر ۽ زندگي جو گاڏو گھلي سگھندو. ھن وقت ڪڻڪ جو اٽو في ڪلو 100 روپيا ملي ٿو ۽ کنڊ 110 روپيا آھي ته پوءِ اڃان ملڪ ۾ مھانگائي جي شرح Inflation وڌندي جيئن مھانگائي وڌندي ته ڏوھن م اضافو ٿيندو، امن نه رھندو ماڻهو خودڪشيون  ڪن ٿا ۽ اڃان وڌيڪ ڪندا. سنڌ سرڪار زرعي سھولتون ڏيڻ ۾ ڪافي دير ڪئي آھي ۽ ڪري رھي آھي.ھر تعلقي ۾ ھر يوسي ۾ مخلص ايماندار ماڻھن جي رضاڪار ڪاميٽي ٺاھي وڃي جيڪي نيوٽرل ھجن جيڪي بنا فرق ذات پات رنگ نسل جي ڪم ڪن ۽ انھن ماڻھن کي ترت ٻج ڀاڻ ڏين ته اھي صحيح طرح سان پنھنجي ڳوٺن ۾ ھارين آبادگارن کي زرعي ٻج ڀاڻ يا پئساپهچائين. باقي جيڪڏھن تپيدارن، ڪوٽوارن يا مختيارڪارن، اي سيز يا ڊي سيز حوالي ڪندا ته پوءِ پوکائي جي موسم به گذري ويندي  ۽ ڪنھن کي ڪا شيءَ ڪا سھولت نه ملندي. ان ڪري سرڪار ڳوٺاڻن ماڻھن جي جيترو جلد ڪاميٽي ۽ تنظيم جوڙي انھن کي شامل ڪندي ته سندن مٿي جو سور به لھي ويندو ۽ آبادگارن کي به سھولتون ملنديون باقي آفيسرن تي ماڻھن جو اعتبار نه رھيو آھي اھي برسات ۾ آيل پاڻي ڪڍرائڻ جا پئسا ھضم ڪري ويا ته پوءِ آبادگارن کي وري ٻج ڀاڻ ڪٿان ڏيندا.زراعت تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو وڃي. ملڪ جو اھم ۽ آمدني جو ذريعو زرعي پيدوار  آهي. توھان ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي سگھو ٿا.ملڪ ۾ اناج جي کوٽ کي پورو ڪري سگھون  ٿا،حڪومت کي ڪڻڪ،کنڊ،ٽماٽر، کير ۽ ٻيون شيون ٻاھران گھرائڻيون نه پونديون. ملڪ جي اھم سيڪٽر کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. حڪومت وٽ اربين روپين جي  بجيٽ آھي اها  ڏيڻ ۾ سستي نه ڪجي، ڏيڻ واري طريقيڪار کي سولو ۽ آسان بڻايو وڃي. پنجاب ڪيترو نه تيز آھي اتي صحت ڪارڊ، يوٽلٽي الائونس ۽ زرعي سھولتون آبادگارن کي ملن ٿيون باقي سنڌ سرڪار  ڏيڻ ۾ دير ڇو ٿي ڪري؟  زراعت کي توھان کي بچائڻو آھي، غريب، مسڪين ھارين آبادگارن جو زراعت ئي جياپو ۽ آمدني جو ذريعو  آھي.

[email protected]