ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) روينيو کاتي جي اختيارين پاران صوبي جي روينيو آفيسن ۾ عوامي سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڪاميٽيون قائم ڪري ڇڏيون. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽين ۾ ضلعي پريس ڪلبن جي صدر، بلڊرن جي تنظيم آباد، هڪ عورت سميت مختلف طبقن جا ميمبر شامل ڪيا ويا آهن، ڪاميٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته روينيو آفيسن ۾ عوامي سهولين لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو وڃي، ڪاميٽي کي اها به ذميواري سونپي وئي آهي ته اسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، تپيدار سميت روينيو آفيسن ۾ ڪنهن خانگي ماڻهو جي مداخلت بابت رپورٽ ڏني وڃي.