سنڌ جي روايتن جو امين: ڀلوڙ ليکڪ ماڻڪ ڪنگراڻي

0
51
سنڌ جي روايتن جو امين: ڀلوڙ ليکڪ ماڻڪ ڪنگراڻي

ھو روايتن جو امين ھو. ڌرتي جو درد ۽ دوستن جو اُونو ھُن جو ڏاج ھو. ٻاٽ اونداھ ھجي يا لڱِ ساڙيندڙ اُس ھجي، دوست جي ھَڪل کان اڳ سندن ڀر ۾ بيٺل ھوندو ھو ۽ اوستائين سک جو ساھ نه کڻندو ھو جيستائين سندس دوست جي پريشاني ڪلھن تان لاھي وٺي. شال نه ڪو دوست عزيز بيمار ٿي پوي ۽ ڪراچي ۾ زيرِ علاج ھُجي، ان وقت مون سائين کي ايترو ئي پريشان ڏٺو جيترو ان مريض جا عزيز پريشان ھوندا آھن ۽ سندن بھتر علاج جي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪندو ھو.

                 سائين جو وڏو ڀاءُ شھيد نصرالله جنهن کي ڀاءُ نه پر ھڪ دوست سمجھندو ھو، ساڻس زندگي جو ھر ڏک سليندو ھو ۽ ھر خوشي پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا. نصرالله جي شھادت جي خبر سائين تي وِڄ وانگر ڪري ۽ پنهنجي وجود کان پاڻ کي ڌار ٿيندي محسوس ڪيو ھئائين، شھيد ڀاءُ جي ڪمهلي وڇوڙي جو درد دوستن جو اُونو ۽ ڌرتي جو درد مُٺ جيڏي دل ڀلا ڪٿي ٿي برداشت ڪري سگھي. 2018ع ۾ 27 ڊسمبر جي شام بينظير ڀٽو جي ورسي جي رات سائينءَ جي دل بي وفائي ڪري وئي ۽ دوست اين آئي سي وي ڊي ڪراچي وٺي ويا، جتي ڊاڪٽرن جي وڏي ڪوشش کان پوءِ سڪڙجي ويل دل ۾ ساھ ڦوڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ ٻيھر ڌڙڪڻ لڳي. توڙي جو ان حادثي کان پوءِ سندس دل گھڻو بار کڻڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.

ڪجھ رشتا رت جي رشتن کان به گھرا ھوندا آھن، عزيز ھوندا آھن جنهن جو اندازو مون کي سائين ماڻڪ ڪنگراڻيءَ سان ملڻ کان پوءِ ٿيو، توڙي جو مان دنيا ۾ ھلڻ لاءِ پھرين وک امان جي چيچ جھلي سکيو آھيان پر دنياداري ۽ زماني سان ھلڻ مون سائينءَ کان سکيو. بابا ۽ امان به ان ڳالھ جو اعتراف ڪندا ھئا ته ڄڻيو ڀلي اسان توکي آھي پر تون سائين ماڻڪ جو پٽ لڳين ٿو. جيترو پيار ۽ سار سنڀال ھُو تنهنجي ڪري ٿو، اوترو اسان توکي ڪونه ڏئي سگھيا آھيون، ان ڪري ئي بابا سائين ماڻڪ کي چوندو ھو ته گووي تنهنجو پٽ آھي، ان کي توکي سنڀالڻو آھي. سائين اھا ذميواري خوشي خوشي پنهنجي سر کنئي ۽ پندرنهن سالن کان ٽيھ سالن تائين سائين جي ڇپر ڇانوَ ۾ رھيس ۽ آخري ڏينهن تائين مونکي سائين ٻار ئي سمجھي خيال رکندو رھيو. مون سدائين سائين جي جنم ڏينهن تي ٻه اکر لکيا آھن پر اڄ ھن نڀاڳي گھڙي تي لکندي ڄڻ منهنجون آڱريون سُن ٿيو وڃن ۽ خيال منتشر ٿيو وڃن. مون وٽ سواءِ لڙڪن جي ڪجهه به ناهي. لفظ ساٿ ئي نٿا ڏين جو سائين جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪري سگھان ڇاڪاڻ ته سائين سان منهنجو ڪو ھڪ رشتو نه ھو. سائين منهنجو پيءُ وانگر خيال رکندو ھو، امڙ وانگر فڪر ھوندو ھئس، ۽ ڀائرن وانگر وڙھندو ھو ۽ دوستن وانگر حجت ڪندو ھو.

دنيا چوي ٿي ته تو ڇا وڃايو؟ دل چوي ٿي ته، مان پنهنجو وجود وڃايو. حال ماضي ۽ مستقل وڃايو. مان پنهنجو سڀڪجھ ته وڃايو. سسئي ته پنهون وڃايو، مان پنهنجو ابو امان ڀيڻ ۽ ڀاءُ وڃايو. پنهنجو دلي دوست ۽ محبوب وڃايو.