عمرڪوٽ(رپورٽر) متحده دراوڙ فورم جي چئرمين ۽ پي ايس 50 عمرڪوٽ تان آزاد اميدوار انجنيئر تيرٿ ساجن ميگھواڙ جي ميزباني ھيٺ عمرڪوٽ ۾ ڪوٺايل درواڙ ڪنوينشن ۾ ٿرپارڪر، مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، عمرڪوٽ، ڪنري، ڇور، حويلي، ڍورونارو ۽ ٻين علائقن مان سوين دراوڙ شيڊيول ڪاسٽ ذاتين جي ماڻھن شرڪت ڪئي، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي متحده دراوڙ فورم جي چئرمين انجنيئر تيرٿ ساجن ميگھواڙ چيو ته سڀني پارٽين ڀوتارن جاگيردارن ۽ سيٺن اسان کي ھميشه درواڙ سمجھي نظرانداز ڪيو، ھاڻ اھو انياءُ برداشت نه ڪنداسين ۽ ووٽ نه ڏينداسين، ھن چيو ته اٿو ۽ اليڪشن ۾ ووٽ جي طاقت سان ڀوتارن ۽ جاگيردارن کي شڪست ڏئي اھو ثابت ڪريو ته 85 سيڪڙو اصل اقليت اسان شيڊيول ڪاسٽ آھيون ان ڪري پئسن تي مخصوص سيٽون خريد ڪندڙ سيٺن ۽ جاگيردارن بجاءِ اھي سيٽون مينگھواڙن ڀيلن جوڳين جو حق آھن انھن حوالي ڪيون وڃن اپر ڪلاس جي ھندو سرمائيدارن ۽ جاگيردارن سدائين دراوڙن سان ظلم ڪيا آھن اقليتن کي ٻٽو ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي ڪنوينشن کي نندلال ڪرناڻي، ناگيش جوڳي، قيمت سنڌي، جيون ساگر ۽ ٿرپارڪر مان ڀوتارن سامھون اليڪشن وڙھندڙ ڪلارام ھميراڻي، وجئه ساگر ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڪنوينشن ۾ عمرڪوٽ مان تيرٿ ساجن ميگھواڙ ۽ ٻين آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي قرارداد پاس ڪئي وئي.