سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چولستان ڪئنال ٺاهڻ جي ڳالهه نگران حڪومت ۾ ٿي، چولستان ڪئنال جي سنڌ مخالفت ڪئي ته واپڊا موقف تان پوئتي هٽي ويو، ارسا پنجاب جي رپورٽ تي ڪئنال جي منظوري ڏني وئي، اسان ارسا جي سرٽيفڪيٽ کي چئلينج ڪيو، صدر آصف زرداري جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن جا غلط منٽس جاري ڪيا ويا، صدر آصف زرداري جي صدارت ۾ ميٽنگ کي بهانو بڻائي ڪئنالن جي منظوري ڏني وئي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر آصف زرداري ميٽنگ ۾ڪنهن به ڪئنال جي منظوري نه ڏني هئي، سنڌ جي مفاد خلاف ڪو به منصوبو قبول نه آهي، وقت اچڻ سان طاقت جو استعمال ڪنداسين