ڪراچي(م ڊ) شهري ۽ ڳوٺاڻا ٻٻرلوءِ ڌرڻي سبب بند ڪيل مال بردار گاڏين جي ڊرائيورن ۽ ڪلينرن کي پنهنجي خرچ تي کاڌو پاڻي پهچائڻ لڳا. قومي شاهراهه تي هزارين گاڏيون بيٺل آهن جن سان گڏ ڊرائيور، ڪلينر ۽ ٻيو عملو به آهي جن جو به هزارن ۾ انگ آهي. انهن کي به سنڌ جي غريب ماڻهن نه وساريو آهي. گاڏين جي ڊرائيورن ۽ ڪلينرن کي کاڌو ۽ پاڻي شهري پاڻ پهچائي رهيا آهن. اهڙيون وڊيو به وائرل ٿيون آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان پاڻي جون بوتلون کڻي ٽرڪ ۽ ٽرالر ڊرائيورن کي ڏئي رهيا آهن.