خيرپور/سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري+ فاروق سومرو + عرفان ڦلپوٽو) سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي سموري سنڌ قومي شاهراهه تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي گڏ ٿي وئي، هزارين ڌرتي ڌڻي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. پنجاب ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي، پنجاب جو سنڌ سان قومي شاهراهه وسيلي زميني رستو ڪٽجي ويو. وڪيل برادري سان گڏ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن، شاعر، اديب، هاري، آباگار، سول سوسائٽي جا ماڻهو، عام شهري، صحافي پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي ڌرتي جي سڏ ۾ سڏ ڏيندي احتجاج لاءِ پهچي ويا. هزارين ماڻهن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ڌرتي سان وفا جو وچن ورجايو. اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته جيستائين تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو. مليل اطلاعن موجب سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي رٿيل تاريخي ڌرڻي لاءِ بار ڪائونسل ڪراچي جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ نڪتل قافلو شاهه حسين باءِ پاس خيرپور پهتو جتي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اعجاز چانڊيو، ايڊووڪيٽ شفقت مهيسر، ايڊووڪيٽ محمد جمن سهتو، ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، ايڊووڪيٽ علي احمد ميمڻ، ايڊووڪيٽ نور محمد تنيو ۽ ٻين طرفان سندن شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي قافلي ۾ شامل وڪيلن کي اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا ويا. سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن، سياسي ۽ سماجي تنظينن جي هزارين ماڻهن  ڌرڻو هڻي پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا. نٽهڻ اس ۾ لڳل ڌرڻي دوران سنڌو درياءَ تي ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ٻين منصوبن جي اڏاوت خلاف نعريبازي ڪندي ڌرڻو ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ توڙي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي هزارين وڪيلن سان گڏ عام ماڻهن سياسي سماجي ڌرين ۽ قلم ڌڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل ٿيا. ڌرڻي سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. خاص ڪري وڏا ٽرالر، ٽرڪون ۽ ٻيون مال بردار گاڏيون بيهجي ويون. ٻئي پاسي پنجاب جي شهرن توڙي سکر باءِ پاس کان ڪراچي واري طرف مختلف روڊن جي هوٽلن تي به سوين گاڏيون بيهاريون ويون آهن. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي ۾ اڳواڻن سنڌ ۾ حڪمران جماعت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽيءَ پهريان بضد هئي ته ڪئنال نه پيا ٺهن ۽ عوام سان غلط بيان پئي ڪئي. پر جڏهن سنڌ جو عوام هڪ آواز ٿي روڊن تي نڪتو ته پيپلز پارٽي يوٽرن ورتو. عوام جي طاقت هٿان مجبور پيپلز پارٽي هن وقت به عملي طور تي سنڌ واسين سان گڏ بيهڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي تڪراري سنڌ دشمن ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻ لاءِ زور ناهي ڏنو. پهريان ڪئنالن جي وجود کان انڪار پيپلز پارٽي عوام جي رد عمل بعد مجبور ٿي سنڌ اسيمبلي، ان بعد قومي ۽ سينيٽ ۾ قرارداد ته پيش ڪئي آهي. وفاقي حڪومت پ پ جي سهاري تي هلي پئي پر پ پ عملي طور تي وفاقي حڪومت مٿان ڪئنالن واري رٿا واپس وٺڻ لاءِ زور ناهي ڀريو. تنهن ڪري سنڌ ۾ حڪمران جماعت کي گهرجي ته منافقت ۽ ٻٽي معيار واري سياست ڪرڻ بجاءِ سنڌ دشمن ڪئنالن واري رٿا کي رد ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان عليحدگي اختيار ڪري. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ضلعن کان پهتل هر عمل جي فردن پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌوءَ سان محبت، وفا جو وچن ورجائيندي اعلان ڪيو ته اسان بنا ڪنهن رنگ نسل، فرق جي سنڌوءَ جي بقا لاءِ نڪتا آهيون. سنڌ دشمن عناصر اسان جي ٻڌي، ايڪي کي ڏسي پريشان ٿي ويا آهن. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته فوري طور تي سنڌ دشمن ڪئنالن واري تڪراري رٿا ختم ڪئي وڃي ٻي وصورت ۾ هو پنهنجي جان جي پرواهه به نه ڪندي ڪنهن حد تائين وڃي سگهن ٿا.

سکر/خيرپور: ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪراچيءَ جي صدر عامر وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ واري سازش ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين سنڌو درياءَ سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي. سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ سنڌو درياءَ کي سڪائڻ جي سازش آهي جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته درياءَ سڪي ويندو. ھن چيو ته جيستائين ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو ختم نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو. جميعت علماءَ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو چيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف وڪيلن جي ڌرڻي جي مڪمل حمايت ڪيان ٿو جيڪو به ڪئنالن ۽ سنڌ جي حقن خلاف آواز اٿاريندو آئون ان سان هميشه گڏ هوندس. ھن چيو ته پاڪستان سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سميت سمورن صوبن جو آهي پر گذريل 78 سالن کان اقتدار ۾ ويٺل صرف هڪ صوبي کي ئي مضبوط ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻين صوبن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جا پنهنجي حقن جي جنگ وڙهندڙ باغي ۽ غدار ناهن، باغي ۽ غدار بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙ آهن. هنن چيو ته پاڪستان جي سلامتي صوبن کي ڪمزور ڪرڻ سان نه پر صوبن کي طاقتور ڪرڻ سان آهي. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته هي پنجاب ۽ اسلام آباد جي سرڪار جا غير قانوني ۽ سنڌ سان دشمنيءَ تي ٻڌل منصوبا آهن، سنڌ ۾ پاڻي ناهي، 1991 واري ٺاهه کي 35 سال ٿي ويا آهن ان جي باوجود ڪڏهن به سنڌ کي گهربل پاڻي ناهي ڏنو ويو.  اڄ سنڌ جي اها حالت آهي ته پيئڻ جو پاڻي ڪونهي، درياءَ جي کاٻي پاسي وارن آبادگارن کي ووئڻ پوکڻ تي منع ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي ڪونهي، سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ جهڙا فيصلا جيڪڏھن پارليامينٽ ۾ ٿيندا ته سنڌي قوم پنهنجا فيصلا هاڻي روڊن تي ڪندي. پيپلزپارٽي وارن کي پنجاب ويندڙ ڪوئلي جي سپلاءِ بند ڪرڻ گهرجي، ٿر جي ڪوئلي مان ٺهندڙ بجليءَ جي سپلاءِ بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاج، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پر امن جدوجهد ذريعي وڌائڻي پوندي ڇوته پارليامينٽ ۾ ويٺل حڪمران سنڌ جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ نه پيا ڪن. پنجاب پيئڻ جو پاڻي، جيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي نه ٿو ڏئي ته پنجاب ڏانهن ويندڙ تيل گيس ۽ رستا بند ڪرڻ اسان جو قانوني حق آهي. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان وڪيلن جي هن جدوجهد تي کين جس ڏيون ٿا هن ڌرڻي سبب ئي آئون پنهنجي بک هڙتال ڇڏي هتي پهتو آهيان، سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف وڪيلن طرفان شروع ڪيل تحريڪ تي سموري سنڌ جي ماڻهن کين مانُ بخشيو آهي مون کي يقين آهي ته وڪيل منصوبي تان هٿ کڻائي پوءِ ئي ساهه پٽيندا. ھن چيو ته اسان جو پنهنجي حق خاطر پرامن احتجاج آهي جيڪڏهن رياست طرفان تشدد وارو عمل شروع ڪيو ويو ته اها انهن جي خودڪشي هوندي، اسان پنهنجي حق لاءِ لٺيون کائڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ڀل اسان مٿان گوليون وسايون وڃن پر اسان پوئتي نه هٽنداسين. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته اسان کان سنڌو درياءَ ۽ ڌرتي کسڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪرڻ تي اسان سنڌ جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيو، پر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪي آئين ٽوڙين ٿا اهي ملڪ دشمن آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو چيو ته وڪيلن طرفان شروع ڪيل جدوجهد ضرور رنگ لائيندي ۽ وفاقي سرڪار سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي تان هٿ کڻندي. وڪيل برادري ۽ قومپرست پارٽين ۽ جي ڊي اي طرفان گڏيل طور ڌرڻو هنيو وڃي ها. جونيئر ذوالفقار ڀٽو به ڌرڻي ۾ پهتو ۽ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ اسان سنڌين جو آهي، سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ اڏڻ ڪونه ڏينداسين، سنڌو درياءَ سنڌين جي جياپي جو سبب آهي، ڪئنالن خلاف وڪيلن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي سخت گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. ھن چيو ته آئون سنڌو درياءَ کي بچائڻ وارن سان گڏ آهيان سنڌ جي عوام کان ووٽ وٺي انهن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ وارن ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙن خلاف آهيان. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو ۽ وڪيلن طرفان سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جذباتي نعري بازي به ڪئي. ڌرڻي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان ملاڻو، جنرل سيڪريٽري آچر گبول، لاڙڪاڻو هاء ڪورٽ بار جي صدر اطهر عباس سولنگي، ھاءِ ڪورٽ بار سکر جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري علي گل عباسي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري عيد جاگيراڻي، ڊسٽرڪٽ بار سکر جي صدر نويد شاهه، جنرل سيڪريٽري سندر چاچڙ، خيرپور ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اعجاز چانڊيو، شفقت مهيسر، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر نويد عباس ڪلھوڙو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، روبينا ڀٽي، حنا جتوئي، ماهنور جتوئي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي سنڌياڻي بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. ان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هي جنگ پنهنجي درياءَ، ڌرتي ۽ وجود بچائڻ جي جنگ آهي. سنڌ جو عوام سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڪئنال ۽ ڊيم قبول نه ڪندو ۽ پنهنجي درياءَ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندو. هنن  چتاءُ ڏنو ته جيستائين سنڌ دشمن ڪئنالن وارو منصوبو ختم نٿو ڪيو وڃي ته ڌرڻي کي وڌائيندي ڪمون شهيد وٽ سنڌ پنجاب بارڊر به بند ڪيو ويندو. ريلوي ٽريڪ کي به بند ڪرڻ وارو آپشن موجود آهي. سنڌ مان پنجاب ويندڙ گئس، يوريا ڀاڻ سميت سموري پنجاب طرف ويندڙ آمدرفت بند ڪئي ويندي. وفاقي حڪومت فوري طور تي سنڌ دشمن ڪئنالن وارو منصوبو واپس وٺڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. ان سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ جا نالي تي زمين تي قبضو به ختم ڪيو وڃي.