سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ ٻيھر ٽيسٽ وٺو!

0
91
سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ ٻيھر ٽيسٽ وٺو!

 سنڌ جي تعليم جي تباهي جو هڪ اهم سبب اسان جي حڪومتي سطح جون پالسيون پڻ آهن. تازو ئي اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي وڌيڪ پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ پوري صوبي ۾ استادن جي خالي پيل جاين جا تفصيل جاري ڪرڻ جو سنڌ سمورن تعليم کاتي جي ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز کي حڪمنامو جاري ڪيو آهي. تعليم کاتي موجب تعليم کاتي ۾ ڀرتين تي عدالتي پابندي کان اڳ 18 هزار کان وڌيڪ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر ۽ 39 هزار کان وڌيڪ پرائمري اسڪول ٽيچر ڀرتي ڪيا ويا هئا. سندن موجب عدالت جي طرفان پابندي هٽڻ بعد هاڻي اهو سلسلو 2025ع تائين جاري رهندو. هاڻي ٿورو غور ڪري ڏسجي ته ڪيڏي نه منظم منصوبابندي سان سنڌ کي تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. جن پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتين جو ذڪر سنڌ جي تعليم کاتي جا عملدار ڪري رهيا آهن انھن جي ڀرتين جو سلسلو آئي بي اي جي ٽيسٽ وسيلي شروع ڪيو ويو هيو. شروعاتي طور تي انھن جاين لاءِ آئي بي اي سکر طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪون 60 سيڪڙو رکيون ويون هيون. ٽيسٽ نتيجن ۾ هڪ سيڪڙو مس شاگرد ٽيسٽ پاس ڪري سگھيا جنھن کانپوءِ پاسنگ مارڪون 55 ڪيون ويون تڏهن به جايون اڃان رهيون پئي. وري پاسنگ مارڪون 50 ڪيون ويون تڏهن وڃي ڪجهه استاد ڀرتي ڪيا ويا. ائين مختلف مرحلن ۾ ٽيسٽ پاسنگ مارڪون گهٽائي گهٽائي سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ استاد ڀرتي ڪيا ويا. هن سموري عمل ۾ آئي بي اي جي ٽيسٽ کانسواءِ ڪو به عمل صاف ۽ شفاف نه رهيو. آئي بي اي جي ٽيسٽ معياري هئي ۽ ميرٽ جي بنياد تي هر شاگرد جون مارڪون آيون. آئي بي اي جي ٽيسٽ جو سڄو مرحلو شفافيت ۽ ميرٽ تي رهيو ان کانپوءِ سنڌ حڪومت جي هٿن ۾ جڏهن ڀرتين وارو معاملو آيو ته پوءِ مارڪون گھٽائي گهٽائي 33 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوار کي به هارڊ ايريا جو جواز ڄاڻائي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استاد طور ڀرتي ڪيو ويو. استادن جي ڀرتين دوران سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ڪيترائي ڪيس هليا جن مان ڪجھ اڃان به هلندڙ آهن. اهڙي ئي هڪ ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ معزز جسٽس صاحب چيو ته جيڪڏھن هارڊ ايريا جو معيار مقرر ڪري استادن جون ڀرتيون ڪرڻيون آهن ته پوءِ سڄي سنڌ تعليم جي حساب سان هارڊ ايريا جي ڪيٽيگري ۾ اچي ٿي. منھنجي خيال ۾ ان جج صاحب جي ڳالھ بلڪل درست، جائز ۽ منطقي آهي. سنڌ جي تعليم جو حال سموري سنڌ کي ساريو پيو آهي. سموري سنڌ ڪيئن تعليمي لحاظ کان هارڊ ايريا آهي؟ ان جو هڪ واضح ثبوت خود سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي ماتحت ڪم ڪندڙ هڪ اداري مانيٽرنگ اينڊ ايووليشن ڊائريڪٽوريٽ جي رپورٽ آهي. سال 2023ع ۾ جاري ڪيل ان رپورٽ موجب سنڌ جي 42383 سرڪاري اسڪولن مان 2560 سرڪاري اسڪول مستقل طور تي بند پيل آهن. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال سنڌ جي اسڪولن  ۾ 49 سيڪڙو ٻار غير حاضر رهيا آهن. جڏهن ته رپورٽ ۾ وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ۽ اڄ جي جديد دور ۾ سنڌ جي تعليمي تباهي جا منظر پيش ڪندڙ انگ اکر ڏنا ويا آهن جنھن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 65 سيڪڙو اسڪولن ۾ چوديواري ناهي. 60 سيڪڙو اسڪولن ۾ پاڻي جي سهولت ناهي. 28 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش روم ناهن. 78 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ناهي. اهي ته صرف سرڪاري انگ اکر آهن پر عملي طور سنڌ جي تعليم ان کان وڌيڪ بدتر صورتحال جي ور چڙهيل آهي جنھن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتين واري عمل کي غير معياري بڻائي سنڌ جي اڳ ئي پوئتي پيل ۽ تباھ حال تعليم جو وڌيڪ ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جي اها پاليسي ته 2025 تائين آئي بي اي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي استاد ڀرتي ڪيو ويندو هڪ غير منطقي، ڇسي، صدين پراڻي ۽ تعليم دشمن پاليسي آهي. ان وسيلي نه صرف سنڌ جي تعليم جي تباهي ڪئي پئي وڃي پر سنڌ ۾ موجود اهل ۽ قابل نوجوانن جن تازو مختلف يونيورسٽين مان ڊگريون ورتيون آهن، گريجوئيٽ ۽ ٻيون اهڙيون علمي قابليتون رکندڙ آهن انھن جي حقن مٿان سڌو سنئون ڌاڙو آهي. ان سلسلي ۾ ڪجھ تجويزون هي آهن ته:

. سنڌ ۾ هاڻي نون استادن جي ڀرتين لاءِ آئي بي وسيلي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي.

. ٽيسٽ جي مروج معيارن موجب پاسنگ مارڪون مقرر ڪيون وڃن.

. پاسنگ مارڪن ۾ سواءِ ٽيسٽ ۾ ڪنھن امڪاني غلطي يا غلط سوال اچڻ جي صورت ۾ باقي ڪنھن به قسم جي رعايت يا گريس مارڪ نه ڏني وڃي.

. ٽيسٽ کان اڳ استادن جي ڀرتين لاءِ ٿيندڙ امتحان جو مڪمل سليبس اميدوارن کي ڏنو وڃي جيئن ھو پنھنجي تياري ڪري سگهن.

. آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اهل اميدوارن کي ميرٽ جي بنياد تي استاد ڀرتي ڪيو وڃي.

. جيڪڏھن اڃان به سنڌ ۾ استادن جي کوٽ رهي ۽ جايون خالي رهن ته هڪ دفعو وري ٽيسٽ منعقد ڪري اهل شاگرد ڀرتي ڪيا وڃن.

ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان قابل، اهل ۽ باصلاحيت نوجوان تعليم کاتي ۾ اڳيان ايندا ۽ هر نئين گريجوئيٽ نوجوان کي روزگار جو موقعو ملندو. باقي هڪ دفعو ٽيسٽ وٺي ان بنياد تي ڀرتيون سڌي سنئين تعليم جي تباهي، ميرٽ جو قتل ۽ اهل نوجوانن سان ناانصافي آهي ائين ڪري سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم کي اڃان صديون پوئتي ڌڪي سنڌ کي جهالت ۽ لاعلمي جي اونداهي کوھ ۾ ڌڪڻ گهري ٿي. جنھن خلاف هر باشعور نوجوان، شاگرد ۽ فرد کي لکڻ، ڳالهائڻ ۽ هر سطح تي پنھنجو آواز پهچائڻ گهرجي. سنڌ جي تعليم جي سڌاري سان سنڌ کي بهتري ڏانھن وٺي وڃي سگهجي ٿو.

[email protected]