سنڌ جي تعليم کاتي ۾ وڏي پيماني تي گهوٻين جو انڪشاف، وڏي وزير کي خط

0
259
سنڌ جي تعليم کاتي ۾ وڏي پيماني تي گهوٻين جو انڪشاف
سنڌ جي تعليم کاتي ۾ وڏي پيماني تي گهوٻين جو انڪشاف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ گهوٻين جي نشاندهي ڪري ڇڏي ۽ سوال اٿاريو ته ٻن شاگردن جي ويهڻ واري ڊسڪ 320 سيڪڙو مهانگي، 29000 ۾ ڪيئين خريد ڪئي پئي وڃي.

ٽرانسپيرنسي پنهنجي لکيل خط ۾ چيو آهي ته تعليم کاتو قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان پهچائي رهيو آهي،اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي 10 جون 2021 تي اسڪولن ۾ ڊيسڪن جي سپلاءِ ۽ ڊيليوري لاءِ چار ٺيڪا ڏنا جن جي ماليت پنج ارب روپيا آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڊيسڪ جي قيمت 23 هزار 985 روپين کان 29 هزار 500 روپيا رکي وئي آهي، ٻه سال اڳ 17 فيبروري 2019 تي به اهڙو ئي ٺڪو جاري ڪيو ويو هو.

ٽرانسپيرنسي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ واڪن ۾ هڪ ڊيسڪ جي وڌ کان وڌ قيمت 5700 رپين کان 6860 رپيا هئي، تعليم کاتي نا معلوم سببن جي بنياد تي گهٽ قيمت تي ٺيڪا نه ڏنا ۽ 5700 روپين جي ڊيسڪ 23 هزار 985 رپين ۾ خريد ڪئي پئي وڃي جنهن سان قومي ناڻي کي 3.3 ارب رپين جو نقصان پهچندو.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن قيمتن ۾ سالانه 10 سيڪڙو اضافي جو خيال به ذهن ۾ رکيو وڃي ته ڊيسڪ جي قيمت 9 هزار روپيا ٺهي ٿي.

خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسڪول ايجوڪيش اينڊ لٽريسي کاتي جي آفيسرز ۽ ٺيڪيدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪيترائي ڀيرا خط لکيا ويا ته الزامن جو جائزو ورتو وڃي ۽ گهوٻين ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.