ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي اطلاعات واري  وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته  سنڌ حڪومت معاشري کي منشيات جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آھي، اسان کي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽  اسڪولن ۾ پڙهندڙ پنھنجي نوجوان نسل کي منشيات  کان بچائڻو آھي،  سنڌ سرڪار جو منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رھندو، سنڌ سرڪار جا سمورا کاتا خاص طور تي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار بھ منشيات جي خاتمي واري گرينڊ ايڪشن ۾ گڏ آھي، صدر آصف زرداري به پنھنجي ڪراچي جي تازي دوري دوران  منشيات جي خاتمي لاءِ خاص ھدايتون ڏنيون آھن، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته سنڌ سرڪار منشيات واپرائيندڙن جي بحالي وارا مرڪز قائم ڪرڻ وڃي رھي آھي. آئون والدين کي درخواست ڪندس ته اهي پنھنجن ٻارن تي خاص ڌيان ڏين، آئون ميڊيا کي به درخواست ڪريان ٿو ته اهي  منشيات خاص طور تي آئيس خلاف آگاھي مھم ھلائين. هن چيو ته ايڪسائيز کاتو 10 مئي کان غير رجسٽرڊ اپلائيڊ فار رجسٽريشن گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪري رھيو آھي،شھري جلد پنهنجون گاڏيون رجسٽرڊ ڪرائين، ڪنھن کي به وي آءِ پي پروٽوڪول نه ڏنو ويندو، ڪير ڪيترو بااثر هجي سندس غير رجسٽرڊ گاڏيون ضبط ڪيون وينديون.  هن چيو ته ايڪسائيز  کاتي وٽ 44 ھزار گاڏين جون نمبر پليٽس پيل آھن، جيڪا اڃا تائين مالڪن وصول نھ ڪيون آھن، گاڏين جا مالڪ پنھنجون نمبر پليٽس حاصل ڪن، هن چيو ته گاڏين جو ٽيڪس وقت تي جمع نھ ڪرائڻ وارن جو بھ چالان ٿيندو، هن چيو ته سنڌ سرڪار تعليمي ادارن ۾ منشيات جي حوالي سان شاگردن جون رينڊم ٽيسٽ ڪرائڻ جو رٿيو آھي، ڪنھن شاگرد جي ٽيسٽ پازيٽو آئي تھ سندس علاج ڪرايو ويندو، ھن چيو تھ ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمن جي گھٽتائي آھي، اسان اشتھار ڏنو هو، اسٽي آرڊر سبب ڀرتين جو عمل رُڪيل آھي، ھن چيو تھ صدر آصف علي زرداري چيو  آھي تھ هو ھر مھيني صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪندو ھن چيو تھ عمران خان جيل ۾ ويھي بين الاقوامي رسالن ۾ مضمون ڇپرائي رھيو آھي، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته کيس غير ملڪي آشيرواد حاصل آھي،