وزيراعظم شهباز شريف جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽيسوري ٽيليفونڪ رابطو، وزيراعظم گورنر ۽ وڏي وزير کي عيد جو مبارڪون ڏنيون، وزيراعظم چيو ته سنڌ جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي جڙيل آهي، سنڌ جي عوام جي فلاح و بهبود حڪومتي ترجيحن جو حصو آهي