تاريخ جي وڏي مونجھاري يا تحقيقاتي کوٽ جي ڪري، هڪ ڏند ڪٿائي قصي تي تفصيل سان روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آرڪيالاجيءَ جي شاگرد طور، مان هن موضوع کي انتهائي اهم سمجهان ٿو، ڇو ته اهو سنڌ جي تاريخ جي ڳولا ۾ وڃايل نشانين جي جاچ ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي. موضوع “آريا” سان وابسته آهي، ته آريا ٻاھريان آيل آھن ۽ انھن سنڌ کي فتح ڪيو، جڏھن ته هي مضمون جديد تحقيقن جي بنياد تي مليل دليلن ۽ ثبوتن جي روشنيءَ ۾ هن مفروضي کي رد ڪري ٿو ۽ آرڪيالاجيڪل ثبوتن تي مبني ھِي مضمون اھو واضح ڪري ٿو ته، آريا ڌاريا نه پر اصلوڪا ھئا.
سنڌ ۾ پٿرن جو دور روھڙي جون ٽڪريون، کيرٿر جي جابلو پٽي، ويسر ويلي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ ھڪ تسلسل ملي ٿو، اھو دور شڪار ڪندڙ ٽولين جو سڏيو ويندو آھي، جن جبل جي غارن ۾ شڪار ڪرڻ وارو عمل جبلن ۾ پينٽ ڪري پڻ رکيو آھي، پٿر مان شڪار لاءِ بھترين اوزار ٺاھيا اٿن، ان پٿرن جي ڊگھي دور کي تحقيق ڪندڙن ٽن مختلف پيرڊن ۾ ورھايو آھي، جن ۾ پٿر جي اوزارن جي مٽاسٽا اھميت رکندڙ ۽ مختلف دورن ۾ فرق واضح ڪندڙ آھي. ملير ڍنڍ تي پٿرن جي دور جا ملندڙ نشان ھڪ تاريخ جي ڪڙي آھن. جيڪا اسان کي سمجھڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿي ته انسان ڪيئن غارن ۽ جبلن مان نڪري پنھنجي بنيادي ضرورت ‘کاڌي’ جي ڳولا ۾ ميدانن ۽ پٽن تي لٿو ۽ اُتي رھڻ شروع ڪيو، اھو عمل پٿرن جي آخري دور Neolithic Period ۾ ملي ٿو پر اڄ به دنيا جي ڪجھ علائقن ۾ انسان جتي جهنگلي زندگي گذاري رھيو آھي، اُتي پاڻ سمجھي سگھون ٿا ته، اڄ کان ھزارين سال پھريان جو انسان شڪار ڪرڻ جو سمورو عمل ڪيتري محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪري رھيو ھو، جانورن جو گوشت انسان اڄ به واپرائي ٿو، سموري دنيا اندر آبادي جي وڌڻ سبب جياپي جي جنگ ۽ بنيادي شين جي پورائي جي جدوجھد ھلندڙ آھي. قديمي ماڻھن پڻ اھو ئي طريقو پئي رکيو ھو، صرف جانورن جي شڪار تي نه ٿي ڀاڙيائون پر ان شڪار جي کوٽ ۽ انساني تجربن مان گذرڻ کانپوءِ درياھن ۽ ڍنڍن جي ڪپن تي ٿيندڙ ساوڪون ۽ ميوا به کائڻ لاءِ استعمال ڪيا ۽ جانورن کي پالڻ ۽ پنھنجي ضرورتن آڌار انھن کي خوراڪ خاطر استعمال ڪيو ويندو ھو، اھو سمورو ھڪ ڊگھو مرحلو آھي، زرعي سماج کي جوڙڻ ۽ ان جي بنياد پوڻ تائين.
ان بابت جيئولاجسٽ عبدالرئوف (اي آر) پاڪستان، خاص طور سنڌ جي ڪراچيءَ ۾ قديم پٿرن جي دور تي پنهنجن اهم تحقيقي ڪمن لاءِ مشهور آهن. ڪراچي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾، هن قديم زميني طبقاتي بناوٽ ۽ پراڻي پٿرن (prehistoric stones) جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم ڪم ڪيو. سندس تحقيق خاص طور تي ڪراچي ريجن جي “ملير فارميشن” ۽ ٻين علائقن ۾ پٿرن جي دور جي آثارن تي مبني آهي. هن قديم اوزارن (stone tools) کي سُڃاڻڻ ۽ انهن جي تيارين جي طريقيڪار کي بيان ڪيو آھي، جيڪو پٿرن جي دور جي انساني سرگرمين جو اهم ثبوت آهي.ڪراچي ريجن جي مٽي ۽ پٿرن جي بناوٽ تي تحقيق ڪندي، هن قديم دور جي ماحوليات (paleoenvironments) ۽ انساني آبادڪاريءَ جي ممڪن جڳهين کي پڻ سُڃاتو. اي آر اهو پڻ مطالعو ڪيو ته، ڪيئن پٿرن جي دور جا اوزار ۽ انهن جا نمونا ڪراچي ريجن جي ٻين ثقافتي ۽ تاريخي دورن سان ڳنڍيل آهن. اھي نشان ميھر ڳڙھ ۽ پوءِ آمري ۽ ڪوٽڏيجي مان به ملن ٿا. انھن جي گڏيل ذھني اوسر محنتن ۽ ھزارين سالن جي پراسيس مان گذرندي ھڪ سِولائيزڊ معاشري جا بنياد پيا، جن جا ثبوت اڄ لاکن جو دڙو، چانھون جو دڙو، ھڙاپا، راکي ڳڙھي، جھڪڙ ۽ جھانگڙ جو دڙو ۽ موھين جو دڙو، جيڪو مٿين سڀني شھرن جو مرڪز ھو ۽ ھزارين ٻيا ماڳ به آھن، جيڪي ڳڻائي سگھجن ٿا پر مون صرف سمجھاڻيءَ خاطر ڪجھ نالا لکيا آھن.
موھين جو دڙو، دُنيا جو اھو شھر آھي، جنھن جو پھريان نقشو ٺاھي پوءِ اڏاوتون ڪيون ويون، سنڌو تھذيب جي ماڻھن دُنيا جي ٻين تھذيبن کي سامونڊي ۽ خُشڪيءَ جا رستا ڏيکاريا، واپار جا طريقا سمجھائي ترقيءَ جي راھ ھموار ڪئي. ان ايڏي وڏي عروج کانپوءِ ٻن صدين جي اندر سنڌو تھذيب جي زوال پزير ٿيڻ جا حوالا لکيا ويا آھن، جن جو مُکيه سبب آريا قبيلي جو حملو ٻُڌايو ويندو ھو ۽ پوءِ درياھي رستي جو مٽجڻ ۽ ٻوڏن جو اچڻ پر موھين جي دڙي جي کوٽائيءَ مان اھو پھريان ئي واضح ٿيل ھو ته شھر ۾ مختلف وقتن تي ٻوڏون آيون آھن پر وري شھر پنھنجي اوج ۾ به رھيو آھي، مطلب ٻوڏ جو معاملو ايڏي وڏي شاھوڪار تھذيب کي زوال پزير ڪري ڇڏي اھو ممڪن نه آھي، پوءِ پوئتي رھن ٿا ٻه سبب، جنھن ۾ ھڪ سنڌو درياھ جو رستو مٽجڻ ۽ ٻيو آريا جو حملو، سنڌوءَ جا لنگھ ۽ رستا مٽجندا رھيا آھن. انھن مختلف وھڪرن جا نشان اڄ به سنڌ ۾ موجود آھن. اسان وٽ وڏو تاريخي مونجھارو سنڌو تھذيب جي آخري دور، جنھن کي Decline Period سڏين ٿا کان شروع ٿئي ٿو، آمري ۽ ڪوٽڏيجي 3600 ق.م کان ويندي ميچوئر انڊس پيرڊ جي آخري وقت يعني 1900 ق.م تائين جو تسلسل مٿي لکيل ماڳن مان ئي ملي ٿو، ان کانپوءِ آخري دور سان لکيو ويندڙ پيرڊ اچي ٿو، جيڪو 1700 ق.م ۾ پورو ٿو ٿئي، ھاڻي ھن ٽائيم کان اصل تاريخي پيرا کٽل ڄاڻايا ويا آھن. 1700 ق.م کانپوءِ سنڌ جي تاريخ 1500 ق.م کان پڙھي ويندي رھي آھي، جنھن کي ويدڪ پيرڊ سڏيو ويندو آھي، وچ ۾ تاريخ جا پورا ٻه سئو سال ڪاٿي ظاھر ئي نه پئي ڪيا ويا پر جديد تحقيقون انڊس جي ماڳن جي لڳاتار آباد ھجڻ جون شاھديون ڏنيون آھن، ھينئر آرڪيالاجسٽ ٻڌائين ٿا ته، 3600 ق.م کان شروع ٿيندڙ سنڌو تھذيب 1300 ق.م تائين ھلندي رھي آھي پر جيئن ته پاڻ مٿي مختلف دور پڙھندا آيا آھيون ته شروعات پٿرن جي غارن مان وري درياھن ۽ ڍنڍن تي آياسون، ان کانپوءِ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو اوج يعني موھين جو دڙو ۽ ان سان واسطو رکندڙ شھرن جي خوشحاليءَ وارو دور به ڏٺوسين، ان جي آخر ۾ سنڌوءَ جي رستا مٽائڻ، معيشت کي نقصان به ڏنو ھوندو پر شھري آبادي کي ڇڏي ٻھراڙيءَ يا ننڍن شھرن ڏانھن واپسي تي غور ڪجي ته ممڪن آهي اھو ٿيو ھجي، وڏا شھر واپار ۽ مارڪيٽن لاءِ ٿي ويا، وري انھن جي ڀرسان ٻيون آباديون ٿيون ۽ ان جا نشان اڄ تائين سنڌ جي چپي چپي تي قديمي ماڳ ۽ دڙا ڏين ٿا پر سنڌ اندر تحقيقن جي تمام گھڻي کوٽ رھي آھي، جنھن جي ڪري اھي شيون ڳُجھارت ئي سمجھيون وينديون آھن .
ڏکڻ ايشيا جي آثار قديمه ۾ انڊو-آريائي يا انڊو-يورپي بحث هڪ اهم موضوع رهيو آهي. هن بحث جو مرڪز اهو آهي ته، ڇا ٻئي يا پهرين (يا ٽئين) هزار سال قبل مسيح دوران هڪ خاص گروهه ڏکڻ ايشيا ۾ نقل مڪاني ڪئي، جيتوڻيڪ اهڙي عوامي تحريڪ لاءِ پڪ ڪندڙ ثبوت اڃان تائين غير موجود آهن. هن موضوع تي بحث دوران، آرڪيالاجيڪل رڪارڊ ۾ تسلسل جا ثبوت پڻ غور هيٺ آيا آهن، پر اهو واضح ڪيو ويو آهي ته، آثار قديمه يا مادي ثقافت کي ڪنهن خاص لساني گروهه سان ڳنڍڻ تمام ڏکيو آهي. لساني ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، هڪ وڏو ٻولي خاندان، جنهن کي “انڊو-يورپي” يا “انڊو-آريائي” چيو وڃي ٿو، مغربي يورپ کان ڏکڻ ايشيا تائين پکڙيل هو، هن خاندان ۾ انگريزي، اُردو، سنهالي، سنسڪرت ۽ لاطيني جهڙيون ٻوليون شامل آهن.
ٻئي پاسي، ڪيترن ئي هندستاني عالمن دليل ڏنو آهي ته، سنڌو تهذيب ۾ تسلسل هو ۽ آريا ٻاهريون نه پر مقامي هئا. هن نظرئي کي، ڪجهه جي خيال ۾، نوآبادياتي دور (Colonial Period) جي پاليسين سان ڳنڍيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا جي تاريخ کي ان جي مقامي ماڻهن کان ڌار ڪرڻ هو. شيفر ۽ ڊيان اي لچٽن اسٽائن ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجيءَ ۾ “ثقافتي روايت” ۽ “پاليوئٿنسٽي” جي تصور تي بحث ڪيو آهي. انهن جو ڪم قديم ثقافتن ۽ انهن جي ترتيب ڏيڻ جا بنيادي اصول واضح ڪري ٿو.
ثقافتي روايت (Cultural Tradition)
ثقافتي روايت کي قديم ثقافتن جي مسلسل ارتقا جي نمائندگي طور ڏٺو ويندو آهي، جتي مخصوص علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رسمن، اوزارن، ۽ ٻين مادي ثبوتن ذريعي انهن جي اجتماعي زندگي ۽ روايتن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. شيفر ۽ لچٽن اسٽائن هن تصور کي لاڳو ڪندي ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي مواد کي علائقائي ۽ وقتي ترتيبن ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
پاليوئٿنسٽي (Palaeoethnicity)
پاليوئٿنسٽي جو تعلق قديم ماڻهن جي نسلي سُڃاڻپ ۽ اُنهن جي ثقافتي خصوصيتن سان آهي. اهو تصور آرڪيالاجيڪل ثبوتن جهڙوڪ، مِٽيءَ جي ٿانون، اوزارن ۽ رهڻ جي جڳهين ذريعي قديم سماجن جي نسلي ۽ ثقافتي وابستگيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. شيفر ۽ لچٽن اسٽائن هن تصور کي استعمال ڪندي ڏکڻ ايشيا جي مختلف ثقافتن جي باهمي تعلق کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ٻنهي نظرين ذريعي ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي تحقيق ۾ قديم ثقافتن جي مسلسل ترقي ۽ علائقائي خاصيتن کي بهتر نموني سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. شيفر ۽ لچٽن اسٽائن جو ڪم ان حوالي سان اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ان جديد آرڪيالاجي تحقيق ۾ نظرياتي فريم ورڪ فراهم ڪيو آهي. انھن ٻنھي آمريڪي زال مڙسن جم جي شيفر ۽ ڊيان اي لچٽن انڊس سولائيزيشن جي دورن لاءِ جيڪو نظرياتي فريم ورڪ مهيا ڪيو، اھو روايتي دورن (Pre-Harappan، Harappan، Post-Harappan) کان هٽي ڪري وڌيڪ علائقائي ۽ ثقافتي استحڪام تي ڌيان ڏئي ٿو. انهن انڊس جي ترقيءَ کي مقامي ثقافتي روايتن ۽ لاڳيتن علائقائي رابطن جي نتيجي طور پيش ڪيو، جنهن ۾ ٻاهرين اثرن کان وڌيڪ اندروني ارتقا کي اهميت ڏني وئي آھي. هنن انڊس ثقافت کي هڪ مربوط يعني جڙيل ثقافتي روايت طور ڏٺو، جيڪا مختلف علائقائي خيالن سان گڏ وقت سان ترقي ڪندي رهي.
“South Asian Archaeology and the Myth of Indo-Aryan Invasions” ۾ جم جي شيفر ۽ ڊيان اي لچٽن اسٽائن انڊو-آريائي حملن جي رواجي نظريي تي تنقيد ڪئي آهي. انهن مطابق، انڊو-آريائي ماڻهن جو ڏکڻ ايشيا ۾ آمد جو عمل ڪنهن حملن جو نتيجو نه هو، پر هڪ تدريجي ثقافتي تبديلين جو نتيجو هو. انهن چيو ته, انڊو-آريائي ثقافت جو ڦهلاءَ مقامي ماڻهن سان ثقافتي، لسانياتي ۽ تجارتي رابطن ذريعي ٿيو، جنهن ۾ تشدد يا حملن جو ڪو ثبوت موجود ناهي. ان تحقيق ۾ آرڪيالاجيڪل ثبوتن کي استعمال ڪندي انهن “حملن” جي افسانوي تصورن کي رد ڪيو آھي. آريا ڪير ھئا؟ ۽ انھن جو ڪم ڇا ھو؟ ڇا آريا سنڌو تھذيب جو حصو ھئا يا انھن جي حملن سنڌو تھذيب کي ڪمزور ۽ ختم ڪيو؟ ھِي سمورا سوال آھن، جن تي سائنسي بنيادن تحت ڪم سنڌ جي اندر موجود ماڳن تي ٿئي ته مان سمجھان ٿو سنڌ جي تاريخ، جيڪا ڳجھارت سڏي وڃي ٿي، اھا واضح ۽ چٽي ٿي دنيا اڳيان نروار ڪري سگھي ٿي.
(هلندڙ)